8 ڇاڪاڻ تہ سڄيءَ دنيا جي چاندي توڙي سون مون قادرِمطلق خداوند جو آهي.
8 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ چاندي منهنجي آهي ۽ سون بہ منهنجو آهي.
ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.
لبنان جي ٻيلن جو نهايت عمدو ڪاٺ تو وٽ آندو ويندو، يعني صنوبر، چيل ۽ شمشاد جي وڻن جو ڪاٺ. انهيءَ لاءِ تہ انهن سان منهنجي پاڪ گھر کي سينگاريو وڃي. هائو، اها هيڪل، جيڪا منهنجي پيرن جي صندلي آهي، تنهن کي آءٌ رونق بخشيندس.
آءٌ ڪاٺ ۽ پٿرن جي بدران پتل ۽ لوهہ آڻيندس، بلڪ پتل ۽ لوهہ جي بدران آءٌ سون ۽ چاندي آڻيندس. آءٌ تنهنجي حڪمرانن کي انصاف ۽ سلامتيءَ وارا بڻائيندس.