Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 2:22 - Muslim Sindhi Bible

22 آءٌ غير قومن جي سڀني حڪومتن ۽ سندن طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، آءٌ انهن جي جنگي گھوڙي گاڏين کي سوارن سميت اونڌو ڪري ڇڏيندس ۽ گھوڙن ۽ سندن سوارن کي بہ مارائي ڇڏيندس. ايتري قدر جو اهي لشڪر خونريزي وجھي هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ آءٌ بادشاهتن جو تخت اُڇلائي ڇڏيندس؛ ۽ ملڪن جي بادشاهتن جو زور ڀڃي ڇڏيندس: ۽ آءٌ گاڏيون ۽ جيڪي انهن ۾ چڙهن ٿا، تن کي اونڌو ڪري ڇڏيندس؛ گهوڙا ۽ سندن سوار هيٺ ڪِري پوندا؛ هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي ترار سان ڪِرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 2:22
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قوم قوم کي ٿي چٿيو، ۽ شهر شهر سان ٿي وڙهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي هر طرح جي مصيبت ۾ ٿي مبتلا ڪيو.


جيئن ئي هنن ڳائڻ ۽ واکاڻ ڪرڻ شروع ڪئي، تيئن خداوند دشمنن جي لشڪر ۾ ٿرٿلو وجھي ڇڏيو ۽ هو هڪٻئي جي خلاف ٿي ويا.


بني عمون ۽ موآب جي لشڪر وارن پاڻ سان گڏ آيل ادوم جي رهاڪن تي حملو ڪري ڏنو ۽ کين ماري ناس ڪري ڇڏيائون. جڏهن اهي ادوم جي رهاڪن جو بلڪل خاتمو ڪري چڪا، تڏهن اهي وري پاڻ ۾ هڪٻئي کي قتل ڪرڻ لڳا.


هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو.


اي يعقوب جا خدا! تنهنجيءَ ڇينڀ تي ئي، جنگي گھوڙا توڙي انهن جا سوار موت جي ننڊ ۾ وڃي ستا آهن.


آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس ۽ اهي سندن پٺيان ڪاهي ايندا. تڏهن فرعون تي، سندس سڄي لشڪر تي، سندس جنگي گھوڙي گاڏين تي ۽ سندس گھوڙي سوارن تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.


سو پاڻي موٽي آيو ۽ گاڏين، سوارن ۽ فرعون جي سڄي لشڪر کي، جيڪو هنن جي پٺيان ڪاهي سمنڊ جي وچ ۾ آيو هو ٻوڙي ڇڏيائين. انهن منجھان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.


سو بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگھي ويا. پر جڏهن فرعون جون گھوڙي گاڏيون، گھوڙن ۽ سوارن سميت سمنڊ ۾ گھڙي ويون، تڏهن خداوند سمنڊ جو پاڻي موٽائي مٿن آندو.


هن فرعون جي لشڪر ۽ گاڏين کي ڳاڙهي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ساڻس گڏ انهيءَ جا چونڊ فوجي سالار بہ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا.


هائو، آءٌ مصر ۾ اهڙي تہ گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏيندس، جو ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهندو ۽ پاڙيسري پاڙيسريءَ سان. شهر شهر جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو، ۽ حڪمران هڪٻئي جي خلاف ٿي ويندا.


باقي جيڪي قومون ۽ بادشاهہ تنهنجي خدمت نہ ڪندا، سي تباهہ وَ برباد ٿي ويندا. هائو، اهي قومون بلڪل چٽ ڪيون وينديون.


سو اهو قادرِمطلق خداوند جو قهر ئي آهي، جيڪو ماڻهن جي بدڪاريءَ جي ڪري ملڪ کي ساڙي ڇڏي ٿو، ۽ انهيءَ جا رهاڪو باهہ جو ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا، ايتري قدر جو سڀ ماڻهو هڪٻئي جي خلاف ٿي وڃن ٿا.


بربادي، بربادي، هائو، آءٌ يروشلم کي برباد ڪري ڇڏيندس. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اهو شخص ايندو، جنهن کي مون سزا ڏيڻ لاءِ چونڊيو آهي. پوءِ آءٌ اهو شهر سندس حوالي ڪندس.‘“


سامونڊي ملڪن جا سڀيئي بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا ۽ پنهنجي شاهي قبا ۽ ڀرت ڀريل پوشاڪ لاهي ڇڏيندا. پوءِ هو ڏڪندي هيٺ خاڪ تي ويهي رهندا. تنهنجي شڪست جي خبر ٻڌي کين اهڙو تہ صدمو وٺي ويندو، جو اهي خوف وچان پيا ڏڪندا رهندا.


آءٌ خداوند خدا بني اسرائيل جي سڀني جبلن تان ياجوج مٿان جنگ نازل ڪندس. ياجوج جي فوج ايڏي تہ دهلجي ويندي جو اهي هڪٻئي مٿان تلوار هلائيندا.


اهي منهنجي دسترخان تي گھوڙن، گھوڙي سوارن، بهادر سپاهين ۽ سڀني جنگي جوڌن جو ماس ايستائين پيا کائيندا جيستائين اهي کائي ڍءُ ڪن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


جيئن تہ هو بيحد چالاڪ هوندو، سو پنهنجي ٺڳيءَ وارين اٽڪلن ۾ ڪامياب ٿيندو. هو پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجھندو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سندن بي‌خبريءَ ۾ ناس ڪري ڇڏيندو. ايتري قدر جو هو حاڪمِ اعليٰ خدا جي خلاف پڻ اُٿي کڙو ٿيندو. پر انهيءَ کي انساني هٿ لائڻ کان سواءِ ئي تباهہ ڪيو ويندو.


ڪوبہ تيرانداز بيهي نہ سگھندو، نڪي ڪو پيرن جو تکو، يا وري ڪو گھوڙي سوار ئي پاڻ کي بچائي سگھندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ وقت آءٌ اوهان جا گھوڙا، بلڪ اوهان جون جنگي گھوڙي گاڏيون ناس ڪري ڇڏيندس، جن تي اوهين توڪل رکو ٿا.


بلڪ آءٌ پنهنجو قهر وَ غضب نازل ڪري انهن قومن کان بدلو وٺندس، جن منهنجي نافرماني ڪئي آهي.“


جيتوڻيڪ اهي مختلف قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل هوندا، تنهن هوندي بہ اهي ائين حملو ڪندا، جيئن ڪو خوفناڪ شينهن جھنگلي جانورن يا رڍن جي ڌڻ ۾ ڪاهي پوندو آهي. جڏهن اهو ڌڻ ۾ گھڙي پوندو آهي تڏهن رڍن کي چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي ڇڏائڻ وارو نہ هوندو آهي.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل پنهنجي دشمنن تي غالب پوندا، ۽ سڀني کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.


ٻيون قومون تنهنجا اهي معجزا ڏسنديون، ۽ پنهنجي پوري طاقت جي باوجود هر ڳالهہ هارائي ويهنديون. شرمندگيءَ ۽ دهشت وچان اهي گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويندا.


تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو، جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس. مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“


هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگھي پار پوندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گجندڙ سمنڊ کي ڌڪ هڻي ماٺو ڪري ڇڏيندس، ۽ مصر جي نيل نديءَ کي تري تائين سڪائي ڇڏيندس. هائو، مغرور اشور ڪنڌ ڀر ڪري پوندو، ۽ طاقتور مصر جي شاهي لٺ ڀڄي پوندي.


سڀيئي يهوداہ وارا اهڙا تہ جنگي جوڌا ٿيندا، جو لڙائيءَ ۾ پنهنجي دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙي ڇڏيندا. جيئن تہ آءٌ خداوند انهن سان گڏ آهيان، تنهنڪري هو وڙهندا، ۽ گھوڙي سوارن کي اونڌي منهن ڪيرائي ڇڏيندا.


انهيءَ ڏينهن آءٌ يروشلم تي ڪاهي ايندڙ سڀني قومن کي برباد ڪري ڇڏيندس.“


پر پوءِ خداوند نڪري اوهان جي دشمن قومن سان وڙهندو، جيئن هو اڳ اوهان جي طرفان وڙهندو رهيو آهي.


تڏهن انهيءَ ملائڪ مون کي يهوداہ جي گورنر زربابل لاءِ قادر‌مطلق خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”اي زربابل! تون ڪامياب ٿيندين، نہ لشڪر جي زور سان، نہ انساني طاقت سان پر فقط منهنجي روح سان.


آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس، ۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو. اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.


قوم قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. گھڻن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


جڏهن جِدعون جي ٽي سؤ ماڻهن نفيلون وڄايون تڏهن خداوند مدياني لشڪر کان پاڻ ۾ هڪٻئي تي تلوار هلرائي. هو اتان صريرات جي پاسي بيت‌سطہ تائين ۽ طبات جي سامهون ابيل‌محولہ جي سرحد تائين ڀڄي ويا.


سائول جا چوڪيدار جيڪي بنيامين قبيلي جي جِبعت شهر ۾ هئا، تن ڏٺو تہ فلستين جو ميڙ ٽڙي پکڙي ڪڻو ڪڻو ٿيندو پيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ