Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 2:21 - Muslim Sindhi Bible

21 ”تون يهوداہ جي گورنر زربابل کي منهنجو هي پيغام ڏي تہ آءٌ زمين وَ آسمان کي لوڏي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تہ يهوداہ جي والي زروبابل کي چئُہ تہ آءٌ زمين ۽ آسمان کي لوڏيندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 2:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فداياہ جا پٽ زربابل ۽ شمعي هئا. زربابل جا پٽ مسلام ۽ حنانياہ هئا ۽ سلوميت سندن ڀيڻ هئي.


اهي زربابل، يشوع، نحمياہ، سِرايا، رعلياہ، مردڪي، بِلشان، مِسفار، بِگوي، رحوم ۽ بعنہ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا. بني اسرائيل جي انهن ماڻهن جو تعداد هن طرح هو:


تڏهن زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ يشوع ولد يوصدق يروشلم ۾ خداوند جي گھر کي وري تعمير ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. انهن ٻنهي سان خدا جا نبي بہ گڏ هئا جن ساڻن مدد پئي ڪئي.


جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي.


بربادي، بربادي، هائو، آءٌ يروشلم کي برباد ڪري ڇڏيندس. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اهو شخص ايندو، جنهن کي مون سزا ڏيڻ لاءِ چونڊيو آهي. پوءِ آءٌ اهو شهر سندس حوالي ڪندس.‘“


خداوند خدا فرمايو تہ ”اي صور شهر! جڏهن تو تي فتح حاصل ڪئي ويندي تڏهن تو اندر جيڪا خونريزي جاري هوندي ۽ جيڪي زخمي پيا دانهون ڪندا ۽ تڙپندا هوندا، تن جو آواز ٻڌي آس‌پاس ٻيٽن ۽ ڪناري وارا ماڻهو ڏڪي ويندا.


خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو. هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو، ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا. پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.


فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.


خداوند هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي هيڪل جي ڪم لاءِ جذبو جاڳايو. سو يهوداہ جو گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ اهي ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني قادرِمطلق خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل تي ڪم شروع ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ