حجيءَ 2:17 - Muslim Sindhi Bible17 اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہتائب نہ ٿيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 مون اوهان کي جهولي، ۽ رتي، ۽ ڳڙن سان اوهان جي سڄي محنت تي ڌڪ هنيو؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين مون ڏي نہ ڦريا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.
اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.