Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 2:16 - Muslim Sindhi Bible

16 ياد ڪريو، اُنهيءَ وقت اوهان جو ڇا حال هو؟ جڏهن اوهين اهو آسرو رکي اناج جي کوڙ تي ٿي ويا تہ اهو ٻہ سؤ ڪلوگرام هوندو، پر اهو هڪ سؤ ٿي نڪتو. هائو، جڏهن اوهين انگورن جي چيچڙي جي حوض تي اهو آسرو رکي ٿي ويا تہ انهيءَ مان اوهان کي هڪ سؤ ليٽر رس ملندي، پر اوهان رڳو چاليهہ ليٽر ٿي حاصل ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 انهيءَ زماني جو، جڏهن ڪو ماڻهو ويهن ماڻهن جي ڍڳ تي ٿي آيو، تہ فقط ڏهہ ئي هئا؛ جڏهن ڪو شراب جي چيچڙي مان پنهنجا دنگ ڪڍڻ لاءِ اچي، تڏهن رڳو ويهہ ئي هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 2:16
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏهن ايڪڙن جي انگورن جي باغ مان ڏهہ ليٽر مئي بہ نہ نڪرندي، هڪ ٻوري اناج جي ٻج مان هڪڙي تغاري بہ اناج پيدا نہ ٿيندو.“


موآب جي زرخيز سرزمين مان خوشي ۽ سرهائي نڪري وينديون. آءٌ انگورن جي چيچڙن مان مئي ڪڍڻ بند ڪرائي ڇڏيندس. ڪوبہ خوشيءَ جا آواز ڪڍندي چيچڙي ۾ انگور لتاڙي مئي نہ ڪڍندو.


اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.


سو هاڻي اوهين اڄ کان وٺي اڳتي لاءِ اُنهيءَ وقت کي ڌيان ۾ رکو، جڏهن اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت شروع ئي ڪين ٿي هئي.


اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ