حجيءَ 2:14 - Muslim Sindhi Bible14 تڏهن حجيءَ کين خداوند جو هي پيغام ٻڌايو تہ ”ساڳي ئي نموني منهنجي اڳيان بہ هي سڄي قوم ناپاڪ آهي. سو سندن هر پورهيو، بلڪ جيڪي ڪجھہ اهي قربانگاهہ تي پيش ٿا ڪن سو بہ ناپاڪ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تڏهن حجيءَ ورندي ڏيئي چيو، تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجي اڳيان هن قوم جو ۽ هن خلق جو اهڙو حال آهي؛ ۽ انهن جي هٿن جي سڀ ڪنهن ڪم جو بہ ساڳيو حال آهي، ۽ جيڪو نذرانو ڪري پيش ڪن ٿا سو ناپاڪ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.
اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.