11 ”تون شريعت جي هن سوال بابت ڪاهنن کان راءِ وٺ.
11 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ شريعت بابت ڪاهنن کان پڇ ۽ چئين، تہ
ملڪ جي ڪاهنن منهنجي شريعت جي انحرافي ڪئي آهي ۽ منهنجي مخصوص شين کي ناپاڪ ڪيو اٿائون. هنن مخصوص ۽ عام شين ۾ ڪوبہ فرق نہ رکيو آهي، نڪي حلال ۽ حرام ۾ فرق رکڻ جي ڪا تعليم ڏني اٿائون، بلڪ هنن منهنجي سبت جي ڏينهنِ جو بہ ڪو لحاظ نہ رکيو آهي. ائين ڪرڻ ڪري منهنجي قوم منهنجي بيحرمتي ٿي ڪري.
بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“
هو بني اسرائيل کي تنهنجي شريعت جا حڪم سيکارين ٿا. هو تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙين ٿا، ۽ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي قربانگاهہ تي پيش ڪندا رهن ٿا.
هن لاءِ لازمي آهي تہ جيڪو ڀروسي وارو پيغام سيکاريو وڃي ٿو تنهن تي قائم رهي، تہ جيئن هو صحيح تعليم سان ٻين کي نصيحت ڪري سگھي ۽ مخالفن جو وات بہ بند ڪري سگھي.