حجيءَ 1:9 - Muslim Sindhi Bible9 اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 اوهان گهڻي جي اُميد رکي، پر ڏسو ٿورو ٿي پيو؛ ۽ جڏهن اهو اوهين پنهنجو حاصل گهر کڻي آيا، تڏهن مون ڦوڪ ڏيئي اُهو اُڏائي ڇڏيو. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ جو منهنجو گهر ويران پيو آهي ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر ڊوڙندو ٿو وڃي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.