Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اوهين پوکيو تہ گھڻو ئي ٿا پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو. اوهين کاڌو کائو تہ گھڻو ٿا پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿو ٿئي. اوهين مئي پيئو تہ گھڻي ٿا پر اوهان جي اڃ نہ ٿي لهي. اوهين ڪپڙا تہ گھڻا ئي پايو ٿا پر اوهين سرديءَ کان بچي نہ ٿا سگھو. اوهين مزدوريءَ مان ڪمايو تہ گھڻو ئي ٿا پر اها ڪمائي اوهان جي زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿي ڪري سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 اوهان گهڻو ئي پوکيو پر حاصل ٿورو ٿا ڪريو؛ اوهين کائو ٿا پر ڍءُ ڪين ٿو ٿئي: اوهين پيئو ٿا، پر آسودا نٿا ٿيو، اوهين ڪپڙا ڍڪيو ٿا، پر اوهان مان ڪوبہ گرم نٿو رهي؛ ۽ جيڪو مزوري ڪمائي ٿو، سو انهيءَ لاءِ ڪمائي ٿو تہ ٽُنگن واري ڳوٿريءَ ۾ وجهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 1:6
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو.


انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”خداوند جيئري خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم آهي تہ مون وٽ پڪل ماني ڪانهي، رڳو اٽي لپ چاڏيءَ ۾ ۽ دنگيءَ ۾ ٿورو تيل اٿم. آءٌ ٻہ چار ڪاٺيون ميڙڻ لاءِ هتي آيس، موٽي وڃي اُهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچائينديس. اهو ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ اسين بک وگھي مري وينداسين.“


ڪن چيو پئي تہ ”اسين، اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون پاڻ ۾ گھڻا ئي آهيون، سو پنهنجي کائڻ ۽ جيئري رهڻ واسطي اسان کي اناج ملڻ گھرجي.“


جيتوڻيڪ وٽن جھجھي ملڪيت هوندي، تنهن هوندي بہ اوچتو ئي تنگي اچي ورائيندن، ۽ هر ڪا آفت سندن مٿان اچي ڪڙڪندي.


خدا جي غضب واري ٻوڏ ۾ سندن گھر جي برڪت ۽ سندن مال‌متاع لڙهي ويندو.


ڪو تہ پئسا پاڻيءَ وانگر ٿو وهائي، تہ بہ وڃي ترقي ڪندو، ۽ ڪو وري حد کان وڌيڪ ڪنجوسي ٿو ڪري، تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو.


ڏهن ايڪڙن جي انگورن جي باغ مان ڏهہ ليٽر مئي بہ نہ نڪرندي، هڪ ٻوري اناج جي ٻج مان هڪڙي تغاري بہ اناج پيدا نہ ٿيندو.“


منهنجي قوم ڪڻڪ پوکي، پر لڻڻ لاءِ وٽن ڪنڊا ئي رهيا آهن، هنن سخت پورهيو ڪيو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ڪيو اٿائون. منهنجي سخت ڪاوڙ جي ڪري اهي پنهنجي پيداوار کان نااميد ٿيا آهن.“


زمين سڪي ٺوٺ ٿي پيئي آهي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن ڪونهي پيو. نااميديءَ سببان هارين جا ڪنڌ جھڪيل آهن.


پر جڏهن کان اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽڻ ڇڏي ڏنيون آهن، تڏهن کان وٺي اسين هر شيءِ جا محتاج ٿي پيا آهيون ۽ جنگ ۽ ڏڪار سان ناس پيا ٿيون.“


اوهين قربانين وارو پنهنجو حصو کائڻ کان پوءِ بہ بکايل ئي رهندا، اوهين پنهنجي اولاد ۾ واڌاري لاءِ بتن جي پوڄا تہ ڪندا، پر ٻارن ۾ واڌارو ڪين ٿيندو. اوهان بتن جي پٺيان لڳي مون خداوند کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.“


جڏهن هو واءُ پوکيندا تہ لڻندا بہ طوفان، سندن فصل ۾ ڪو سنگ نہ بچندو، نڪي انهيءَ مان ڪو اناج نڪرندو، پر جي کڻي انهيءَ مان اناج نڪري بہ تہ اهو ڌاريا لٽي ڦري کائي ويندا.


اوهان جو سخت پورهيو بي‌فائدو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زمين فصل پيدا ڪانہ ڪندي، نڪي وري باغن جا وڻ ئي ڪو ميوو ڏيندا.


آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توري‌تڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.


اهو ئي سبب آهي جو آسمان مان برسات پوڻ بند ٿي ويئي آهي ۽ زمين پنهنجي پيداوار ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي.


سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي حال تي غور ڪريو.


سو اوهين انهن ڳالهين تي غور ڪريو تہ ائين ڇو ٿو ٿئي.


اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.


ياد ڪريو، اُنهيءَ وقت اوهان جو ڇا حال هو؟ جڏهن اوهين اهو آسرو رکي اناج جي کوڙ تي ٿي ويا تہ اهو ٻہ سؤ ڪلوگرام هوندو، پر اهو هڪ سؤ ٿي نڪتو. هائو، جڏهن اوهين انگورن جي چيچڙي جي حوض تي اهو آسرو رکي ٿي ويا تہ انهيءَ مان اوهان کي هڪ سؤ ليٽر رس ملندي، پر اوهان رڳو چاليهہ ليٽر ٿي حاصل ڪئي.


اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“


انهن ڏينهن کان اڳ ڪنهن وٽ ايترو پئسو نہ هوندو هو جو ڪو مزدور کي ڪم تي رکي سگھي يا وري ڪنهن جانور لاءِ ڪرايو ادا ڪري سگھي، نہ ئي وري ان وقت ڪو دشمنن کان سلامت رهي ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند پاڻ هر ڪنهن کي هڪٻئي جي خلاف ڪري ڇڏيو هو.


تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


اوهان جي گڏ ڪيل اناج ۽ انهيءَ مان اوهان جي تيار ڪيل کاڌي تي لعنت پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ