Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 قادرِمطلق خداوند حجيءَ کي فرمايو تہ ”هيءَ قوم صحيح نہ ٿي چوي تہ اڃا منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت جو وقت نہ آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ هيءَ قوم چوي ٿي تہ اسان جي اچڻ جو اڃا اهو وقت نہ آهي، يعني خداوند جي گهر جي جڙڻ جو وقت.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 1:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو بادشاهہ يوآس يهويدع ڪاهن ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي کين چيو تہ ”اوهين خداوند جي گھر جي مرمت ڇو نہ ٿا ڪرايو؟ اڳتي اوهان کي جيڪي پئسا ملن سي پاڻ وٽ نہ رکو، بلڪ هيڪل جي مرمت لاءِ مقرر ڪيل ماڻهن کي ڏيئي ڇڏيندا ڪريو.“


سو جڏهن ارتخششتا جو خط رحوم گورنر، سندس محرر شمسيءَ ۽ انهن جي ساٿين اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو هڪدم يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان يروشلم جي نئين سر تعمير جو ڪم بند ڪرايائون.


انهيءَ دوران اسان يهودين مان ڪي ماڻهو مايوس ٿي چوڻ لڳا تہ ”مٽي کڻڻ وارن مان طاقت ڇڏائي ويئي آهي، ۽ مٽيءَ جو ڍير بہ اڃا گھڻو پيو آهي، سو اسين ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھون.“


سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي، جيڪو مون کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو.“


بزدلي ماڻهوءَ کي مشڪلاتن ۾ ڦاسايو ڇڏي، مگر خداوند تي توڪل رکڻ وارو سلامت رهي ٿو.


جيڪو ماڻهو هوا ۽ موسم جي صحيح وقت جو انتظار ڪندو رهي ٿو، سو بہ ڪڏهن ڪڏهن نڪي ڪجھہ پوکي سگھي ٿو، ۽ نہ وري ڪجھہ لڻي سگھي ٿو.


مارڻ جو وقت هجي توڙي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو، ڊاهڻ جو وقت هجي توڙي اَڏائڻ جو،


اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.


فارس جي شهنشاہ دارا جي حڪومت جي ٻئي سال، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ تي خداوند حجي نبيءَ جي معرفت يهوداہ صوبي جي گورنر زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سردار ڪاهن يشوع ولد يوصدق ڏانهن پيغام موڪليو.


سو تون ماڻهن کي منهنجو هي فرمان ٻڌاءِ تہ


پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا تن چيو تہ ”نہ، اسان ۾ ايتري سگھہ ناهي جو انهن تي حملو ڪري سگھون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ