Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حجيءَ 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 منهنجي حڪم سان ئي اوهان جي ملڪ ۾ خشڪ سالي آئي آهي. هائو، اوهان جي جبلن مان، پوک وارين ٻنين مان، انگورن ۽ زيتون جي باغن مان، زمين جي هر فصل ۽ پيداوار مان، انسانن توڙي جانورن مان، اوهان جي هر پورهئي مان، بلڪ هر شيءِ مان برڪت کسي ويئي آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ مون ملڪ تي ۽ جبلن تي، اَن تي ۽ شراب تي، تيل تي ۽ زمين جي پيدائش تي، ۽ ماڻهن تي ۽ چوپائي مال تي، ۽ اوهان جي هٿن جي سڄي پورهئي تي خشڪ سالي ڪوٺي آندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حجيءَ 1:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


اليشع جنهن عورت جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجي خاندان سميت ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن ملڪ ۾ ڏڪار موڪلڻ وارو آهي، جيڪو هتي ستن سالن تائين هلندو.“


پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.


”يهوداہ جا رهاڪو روڄ راڙو ڪن ٿا. خشڪ ساليءَ سبب سندن شهرن تي ويراني ڇانيل آهي. هو ڪارا ڪپڙا پهريو خاڪ تي پيا آهن ۽ يروشلم مان دانهون ٿيون اٿن.


هر ڪو ماڻهو منهنجيون آهون تہ ٻڌي ٿو، پر اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي. اٽلندو مون تي تنهنجي آندل مصيبت بابت ٻڌي منهنجا دشمن خوش ٿا ٿين. سو اي خداوند! جيئن تو واعدو فرمايو آهي، تيئن تون جلدي مون وانگر انهن کي بہ سزا ڏي.


ياد رکو، جنهن ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙيا آهن، جيڪو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو، جيڪو گھُگھُہ اونداهيءَ کي ڦيرائي صبح جو سوجھرو ڪري ٿو، هائو، اهو ئي جيڪو ڏينهن کي رات جي اوندهہ ۾ ڦيرائي ٿو، انهيءَ جو ئي نالو خداوند آهي.


پوءِ خداوند خدا مون کي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ خداوند خدا پنهنجيءَ قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ باهہ کي موڪليو. جڏهن انهيءَ باهہ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو ۽ زمين کي بہ کائڻ لڳي


اهو ئي آهي جنهن جو محلات عرش عظيم ۾ آهي. هن ئي ڌرتيءَ جي مٿان آسمان کي گنبذ بڻايو آهي. هو ئي سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو. انهيءَ جو نالو خداوند ئي آهي.


اهو انهيءَ ڪري هو جو مون جھولي، سينوَر ۽ ڳڙن موڪلڻ سان اوهان جي سڄي پيداوار کي برباد ڪري ٿي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


جيئن تہ اوهان اڃا هاڻي اناج جا ٻج ڀانڊن مان ڪڍي پوکيا آهن، ۽ جيتوڻيڪ انگورن جي ول ۽ انجير، ڏاڙهون ۽ زيتون جي وڻن اڃا ڦر ئي نہ جھليو آهي، تڏهن بہ دلجاءِ ڪريو تہ اڄ کان وٺي آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪندو رهندس.“


آءٌ اوهان جي خاطر ماڪڙ کي اوهان جي زمين جي پيدائش برباد ڪرڻ نہ ڏيندس، نڪي وري اوهان جي انگورن جو ڦر ڪچو زمين تي ڪرندو.


انهيءَ ڪري اوهين سخت لعنتي آهيو، ڇوجو اوهان، بلڪ اوهان جي سڄي قوم مون سان ٺڳي ٿي ڪري.


خداوند اوهان کي سلهہ، بخار ۽ سوزش سان، اوهان جي زمين کي ساڙيندڙ جھولي ۽ خشڪ‌ساليءَ سان ۽ اوهان جي گھرن کي رتيءَ ۽ سينور جي مرض سان سٽي وجھندو. جيستائين اوهين تباهہ نہ ٿي ويندا، تيستائين اهي مرض اوهان جي پٺيان هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ