Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 3:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند کي ياد ڪري خوش ٿيندس، آءٌ پنهنجي بچائڻ واري خدا جي ڪري سرهو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تہ بہ آءٌ خداوند جي ڪري خوشي ڪندس، آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي ڪري سرهو ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 3:18
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح دائود ۽ سڄي بني اسرائيل جي ماڻهن خوشيءَ جا نعرا هڻندي ۽ نفيلون وڄائيندي خداوند جي صندوق آندي.


توڙي جو هو مون کي کڻي ڪهي بہ ڇڏي، خير آهي، هاڻي مون وٽ بچيو ئي ڇا آهي جو آءٌ ڊڄان، سو آءٌ هن جي اڳيان پنهنجي واٽن جو بچاءُ ضرور ڪندس.


شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.


بني اسرائيل پنهنجي خالق سان شاد رهن. هائو، صيئون جا رهاڪو پنهنجي انهيءَ بادشاهہ جي ڪري خوشيون ملهائين.


مون کي پنهنجي سچائيءَ واري راهہ تي هلاءِ ۽ هدايت ڏي، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو ڇڏائيندڙ خدا آهين. اي خداوند! منهنجو تو تي سدائين ڀروسو آهي.


خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟


اي سچارؤ! اوهين خداوند جي لائق سندس واکاڻ ڪريو، اي فرمانبردارؤ! اوهين سندس ڪم تي خوشيون ملهايو.


ڇا تون اسان کي نئين سر جيئرو نہ ڪندين؟ تان‌تہ تنهنجي ڪري تنهنجي قوم خوشيون ڪري.


سو اي سچارؤ! خداوند جي ڪري اوهين خوشي ڪريو. اوهين پاڪ خدا جو شڪرانو بجا آڻيو.


ان وقت موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن خداوند جي شان ۾ هي گيت ڳايو تہ ”آءٌ خداوند جو حمد وَ ثنا ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن وڏي شاندار فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.


منهنجي طاقت ۽ راڳ خداوند آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي. آءٌ سندس تعريف ڪندس، جو هو ئي منهنجو خدا آهي، بلڪ منهنجي پيءُ جو بہ اهو ئي خدا آهي، آءٌ سندس واکاڻ ڳائيندس.


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


انهيءَ ڏينهن ماڻهو هيئن چوندا تہ ”ڏسو، اهو ئي اسان جو خدا آهي، جنهن ۾ اسان جي اميد هئي تہ هو اسان کي بچائيندو. سو هن اسان جي توڪل موجب اسان کي بچايو آهي، هاڻي اسين خوش ۽ سرها آهيون.“


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


اي صيئون جا رهاڪؤ! اوهين سرها ٿيو ۽ خوشيون ملهايو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ گھڻو ڪجھہ ڪندس. آءٌ اوهان تي مندائتا مينهن وسائيندس. هائو، آءٌ اوهان جي لاءِ آڳاٽا توڙي پاڇاٽا مينهن هميشہ وانگر پوريءَ مند تي وسائيندس.


باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.


اسرائيل وارا جنگي جوڌا ٿيندا، ۽ انهن جون دليون مئي پيئندڙن وانگر خوش هونديون. اهي ڳالهيون ياد ڪري سندن اولاد بہ سرهو ٿيندو، ۽ سندن دليون بہ مون خداوند جا هئڻ ڪري خوش هونديون.


ڇاڪاڻ تہ منهنجي اکين تنهنجو ڇوٽڪارو ڏسي ورتو آهي،


بلڪ اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئر، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن، سي سڀ اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهيءَ جاءِ تي کائجو، جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي ڪيل ڪمن بابت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ملهائجو.


خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهيءَ کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجھو،


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


حنہ دعا گھرندي چيو تہ ”خداوند منهنجيءَ دل کي خوشيءَ سان ڀرپور ڪيو آهي، خداوند منهنجي طاقت کي زور وٺايو آهي. آءٌ پنهنجي دشمنن مٿان خوشيءَ وچان کلان ٿي پئي، ڇوجو مون کي ڇڏائڻ سان هن منهنجو من سرهو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ