Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 مون اهو ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، آواز ٻڌڻ سان منهنجا چپ ڪنبڻ لڳا، منهنجا هڏا ڳرڻ لڳا ۽ منهنجيون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. آءٌ هاڻ ان بابلي قوم تي اچڻ واري مصيبت جي انتظار ۾ آهيان، جيڪا قوم اسان تي ڪاهيو پيئي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 مون ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، ۽ آواز ٻڌڻ تي منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا؛ منهنجي هڏن ۾ ساڙ گهڙي ويو، ۽ آءٌ بيٺي بيٺي ڏڪڻ لڳس: پر آءٌ صبر ۾ انهي قوم جي مصيبت جي ڏينهن جو منتظر آهيان، جي گڏجي حملو ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 3:16
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رات جي وقت منهنجيون هڏيون ڏکنديون رهن ٿيون. اهي سور جيڪي مون کي کائيندا رهن ٿا، سي ختم ئي نہ ٿا ٿين.


منهنجي کل ڪاري ٿي ويئي آهي ۽ جسم تان لهيو ٿي پوي. منهنجي سڄي جان بخار ۾ پيئي ٻري.


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.


نيڪ عورت پنهنجي مڙس لاءِ فخر ۽ خوشيءَ جو باعث ٿي بڻجي، مگر بي‌شرم عورت پنهنجي مڙس لاءِ هڏين جي موتمار بيماريءَ مثل آهي.


دل جو سڪون بدن کي تندرستي ٿو بخشي، مگر حسد وَ ساڙ انسان جون هڏيون بہ ڳاريو ڇڏي.


سو مون رويا ۾ جيڪي ڪجھہ ڏٺو ۽ ٻڌو، تنهن مون کي دهشت وٺائي ڇڏي، ۽ آءٌ اهڙن سورن ۾ مبتلا ٿي ويس، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي ٿيندا آهن.


نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين جي ڪري منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي، ڇو تہ خداوند جي ڪاوڙ ۽ سندس پاڪ فرمان ۾ ٻڌايل سزا سبب منهنجا سمورا لڱ ڏڪن ٿا. آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جيان مدهوش ٿي ويو آهيان، جيڪو مئي ۾ الوٽ هجي.


آہ! اهو ڏينهن ڪيڏو نہ هيبتناڪ هوندو! ان جهڙو ڏينهن نہ ڪڏهن ٿيو آهي ۽ نہ ٿيندو. اهو ڏينهن منهنجي قوم لاءِ مصيبت جو ڏينهن هوندو، پر هو انهيءَ منجھان بچي نڪرندا.“


هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل! منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي. منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي! مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا.


هُن آسمان منجھان اهڙي باهہ موڪلي، جنهن منهنجي هڏين کي بہ ساڙي ڇڏيو. مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو اٿس. مون کي اهڙي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو اٿس، جيڪو منهنجي جان ئي نہ ٿو ڇڏي.


اي خداوند! ڏس، مون تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، جنهن ڪري منهنجي گھرن اندر موت ئي موت، ۽ ٻاهر منهنجي ماڻهن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. آءٌ ڪيڏي نہ تڪليف ۾ آهيان. منهنجي آنڊن ۾ وٽ ٿا پون، منهنجي دل ڏکويل آهي، ۽ آءٌ ڏاڍي پشيمان آهيان.


جڏهن خداوند جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن خدا جي قدرت وڏي زور سان مون تي نازل ٿي. آءٌ تلخيءَ ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس.


اهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس ۽ اها حيرت‌انگيز رويا ڏسي پريشان ٿي ويس، منهنجي منهن جو رت ڇڏائي ويو ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي.


مون انهيءَ هستيءَ جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو ۽ اهو ٻڌندي ئي آءٌ منهن ڀر زمين تي ڪري پيس ۽ مون کي گَهري ننڊ وٺي ويئي.


تڏهن آءٌ دانيال ساڻو ٿي پيس ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيمار پيو هئس. پوءِ ٺيڪ ٿيڻ تي اُٿي بادشاهہ جي ڪمن ڪارين کي لڳي ويس. انهيءَ رويا سبب آءٌ پريشان هئس، ڇوجو اها سمجھہ کان ئي ٻاهر هئي.


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


سو انهن ڳالهين تي ثابت قدم رهي پنهنجي جان بچايو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ