بابل شهر وارا اناج جي انهيءَ ول وانگر آهن، جنهن کي سندن دشمن ڳاهي ناس ڪرڻ وارا آهن، هائو، انهن جي لڻڻ جو وقت اچي پهتو آهي. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“
ارام وارن بابت خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”دمشق شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن جِلعاد شهر وارن کي ڳاهڻ وارن لوهي اوزارن سان ڳاهي ڇڏيو آهي.