Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تنهنجي اڏامندڙ تيرن جي چمڪ، ۽ تنهنجي چمڪندڙ نيزي جي تجليءَ جي ڪري، سج ۽ چنڊ آسمانن ۾ ڄمي بيهي رهيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 تنهنجي اُڏامندڙ تيرن جي روشني ڪري، ۽ تنهنجي چمڪندڙ ڀالي جي روشنيءَ تي، سج ۽ چنڊ پنهنجي جاءِ ۾ ماٺ ڪري بيٺا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 3:11
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ بہ انهن جي لات سڄي دنيا ۾، ۽ انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين ٿو پهچي. آسمانن منجھہ خدا سج جي واسطي خيمو کوڙيو آهي،


انهيءَ سبب جو خداوند اهڙو تہ ڪم ڪندو، جيڪو اوهان جي سمجھہ کان بلڪل ٻاهر هوندو، هائو، هو پنهنجو حيرت انگيز ڪم عمل ۾ آڻيندو. خداوند اهڙو وڙهندو جهڙو پراضيم جبل تي وڙهيو هو، ۽ هو اهڙو غضبناڪ ٿيندو جهڙو جِبعون جي ماٿريءَ ۾ ٿيو هو.


آخز بادشاهہ جي ڌوپ گھڙيءَ تان جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويندو آهي، تنهن کي خداوند ڏهہ قدم پٺتي موٽائي ڇڏيندو.“ سو ڌوپ گھڙيءَ تان جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو هو، سو ڏهہ قدم پٺتي موٽي ويو.


هن منهنجي زبان کي تکي تلوار وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي مياڻ ۾ حفاظت سان رکيو اٿس. هن مون کي چمڪندڙ تير وانگر ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي ترڪش ۾ رکي ڇڏيو اٿس.


سوارن جو گھوڙن تي چڙهڻ، تلوارن جا چمڪاٽ ۽ نيزن جا تجلا، مئلن جا ڍير، بي‌شمار لاش، ۽ لاشن جي ڍيرن مٿان ماڻهو ٿاٻڙندا ٿا وتن.


تو پنهنجو تيرڪمان ڪڍي هٿ ۾ ڪيو هو، تنهنجو ترڪش ڪيترين ئي کِنوڻين وارن تيرن سان ڀريل هو. تو زمين تي مينهن وسائي ان کي دريائن سان چيري ڇڏيو هو.


آءٌ خداوند جڏهن جنگ جي نفيل وڄائيندس، تڏهن ڏکڻ جي طوفان جيان اچي ڪڙڪندس، ۽ پنهنجا تير کِنوڻ جي صورت ۾ دشمنن تي ڪيرائيندس. اهڙيءَ طرح آءٌ خداوند پنهنجي قوم تي پاڻ کي ظاهر ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ