حبقوق 2:8 - Muslim Sindhi Bible8 جيئن تہ اوهان گھڻين ئي قومن کي لٽيو ڦريو آهي، سو جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن سي وري توهان کي لٽيندا، ڇاڪاڻ تہ توهان انساني رت وهايو آهي. هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 ڇالاءِ جو تو گهڻين ئي قومن کي لُٽيو آهي ۽ تو ماڻهن جو رت وهايو آهي، ۽ ملڪ، ۽ شهر جي رهندڙن سان ظلم ڪيو اٿيئي. تنهنڪري باقي بچيل قومون توکي لُٽينديون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ويل آهي اوهان لاءِ اي دشمنؤ! جيڪي ٻين کي تہ برباد ڪريو ٿا، پر پاڻ برباد نہ ڪيا ويا آهيو، هائو، اوهين جيڪي ٻين سان تہ ٺڳي ڪريو ٿا، پر اوهان سان ٺڳي نہ ڪئي ويئي آهي. مگر هاڻ جڏهن اوهين ٻين کي برباد ڪري بس ڪندا، تڏهن پاڻ برباد ڪيا ويندا. هائو، جڏهن اوهين ٻين سان ٺڳي ڪري بس ڪندا، تڏهن ماڻهو اوهان سان ٺڳي ڪندا.