Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اي بڇڙؤ! اوهان جا قرض خواہ اوچتو نہ جاڳندا ڇا؟ اهي پنهنجو قرض اُڳاڙڻ لاءِ توهان کي نہ ڊيڄاريندا ڇا؟ ۽ پوءِ توهان انهن جو شڪار ٿي نہ پوندءُ ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اُهي جيڪي توکي کائي ويندا سي اوچتو نہ اُٿندا ڇا؟ ۽ اُهي جاڳندا ۽ توکي ستائيندا، ۽ تون انهن جو شڪار ٿي ويندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 2:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


جيڪو کڏ کوٽي ٿو سو انهيءَ ۾ ڪري سگھي ٿو. جيڪو لوڙهي کي پَٽي ٿو تنهن کي نانگ ڏنگي سگھي ٿو.


تڏهن اسرائيل وارا يهوداہ وارن سان اڳتي حسد نہ ڪندا، نڪي يهوداہ وارا اسرائيل وارن سان دشمني رکندا. هائو، اسرائيل وارن مان حسد وَ ڪينو هليو ويندو، ۽ يهوداہ وارن جي دشمني بلڪل ختم ٿي ويندي.


مون خداوند اتر اوڀر واري ملڪ ۾ هڪڙو حڪمران چونڊيو آهي. هاڻي هو اچي رهيو آهي، مون اوڀر کان سندس نالو وٺي کيس سڏيو آهي. هو بادشاهن کي ائين گپ وانگر لتاڙيندو، جيئن ڪو ڪنڀر مٽيءَ کي ڳوهيندو آهي.


آءٌ اوڀر جي ڏورانهين ملڪ کان هڪڙي شخص کي سڏيندس، اهو عقاب وانگر لامارو ڏيئي منهنجي منصوبي کي پورو ڪندو. هائو، مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس.


تنهنڪري تو تي آفت ايندي، جنهن کي تون ڪنهن بہ جادوءَ سان هٽائي نہ سگھندينءَ. هائو، تو تي اهڙي تہ مصيبت اچي ڪڙڪندي، جو تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگھندينءَ. اوچتو ئي اوچتو تو مٿان تباهي اچي نازل ٿيندي، جنهن بابت تو ڪڏهن سوچيو ئي نہ هوندو.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”خبردار ٿجو، آءٌ اوهان منجھہ اهڙا زهريلا نانگ موڪليندس، جن تي ڪو منتر اثر نہ ڪندو، ۽ اُهي اوهان کي ڏنگي وجھندا.“


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ