Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 2:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سچ پچ بڇڙا ماڻهو مئي جيان ٺڳين ٿا، اهي هٺيلا آهن ۽ ٽِڪاڻو تہ اٿن ئي ڪونہ. اهي ايترا ئي حريص آهن جيترو موت، هائو، موت وانگر سندن ڍءُ ئي نہ ٿو ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هو سڀني قومن کي پنهنجي گھيري هيٺ ٿا آڻين، ۽ سڀني ماڻهن کي قيدي ٿا بڻائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هائو مغرور ماڻهو شراب وانگر دغاباز آهي ۽ پنهنجي گهر ۾ نٿو رهي؛ هو دوزخ وانگي پنهنجي گهرج وڌائي ٿو، ۽ موت وانگي آهي جنهن جو ڪڏهن بہ ڍءُ نٿو ٿئي، بلڪ سڀ قومون پنهنجي لاءِ گڏ پيو ڪري، ۽ سڀ خلقتون پنهنجي لاءِ پيو ميڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 2:5
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي امصياہ! تو برابر ادوم کي شڪست ڏني آهي، تنهنڪري ئي هاڻ تنهنجو مٿو ڦري ويو آهي. پنهنجي انهيءَ هاڪ تي خوش ٿي گھر ۾ ئي ويهي رهہ. ڇو ٿو پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ يهوداہ لاءِ مصيبت کي سڏين؟“


توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو.


شراب يا مئي جي زيادتي طعنن جو سبب بڻجي ٿي. بيشڪ اهڙو نشو انسان کي جھڳڙالو ٿو بڻائي، ۽ نشي ۾ ڦاسندڙ ڏاهو ناهي.


هٺيلو ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مغروريءَ سان ٿو هلي، تنهن کي هر ڪو ڏاهپ جو ويري ٿو سمجھي.


جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي.


دولت سان پيار ڪندڙ کي دولت مان ڍءُ نہ ٿيندو. هائو، گھڻي دولت جو حرص رکندڙ انهيءَ مان ڍاپجي نہ سگھندو. تہ پوءِ انهيءَ مان بہ اصل مقصد تہ حاصل نہ ٿيو.


اهي غصي وچان غير قوم وارن کي پيا ماريندا ڪٽيندا هئا، ۽ غضبناڪ بڻجي مٿن حڪومت ڪندا هئا. اهي انهن ماڻهن تي ظلم پيا ڪندا هئا، جن تي فتح حاصل ڪندا هئا.


اسان يهوداہ وارن موآب جي رهاڪن جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، اهي تمام مغرور ٿي ويا آهن. اسين سندن هٺ، تڪبر ۽ وڏائيءَ کان واقف آهيون. پر سندن ٻٽاڪون فضول آهن،


ماڻهن جو هٺ ڀڳو ويندو. هائو، انسان جي غرور کي ناس ڪيو ويندو، ۽ سڀ جو سڀ بت بلڪل نابود ڪيا ويندا. انهيءَ ڏينهن رڳو خداوند ئي سربلند هوندو.


مون رويا ۾ ڏٺو تہ هڪ وڏي دعوت جي لاءِ غاليچا وڇايا ويا آهن، جن تي بابل جي لشڪرن جا سالار ويٺا کائين پيئن ٿا. تڏهن اوچتو ڪنهن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سالارؤ! اُٿي کڙا ٿيو، پنهنجيون ڍالون ڪڍي تيار ٿيو.“


سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي لالچ وچان گھر سان گھر ۽ ٻنيءَ سان ٻني ملائيندا ٿا وڃو، ايتري تائين جو ڪابہ جاءِ ٻين لاءِ باقي نہ بچي، ۽ ٻيا ماڻهو ملڪ ۾ بي‌گھر ۽ بي‌در ٿي رهن.


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جا دشمنؤ! نہ رڳو ماهر تيراندازن، بلڪ هر تيرڪمان ڇڪيندڙ کي بابل سان وڙهڻ لاءِ آڻي گڏ ڪريو. بابل شهر جي چوڌاري گھيرو ڪري ويهو، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو. جهڙا هنن ڪم ڪيا آهن، تهڙي ئي کين سزا ڏيو، هائو، جيئن پاڻ ڪيو اٿائون، تيئن ئي ساڻن ڪريو. جيئن تہ هن مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود سان سينو ساهيو آهي،


پر جڏهن سندن پيٽ ۾ بک جي باهہ ڀڙڪندي، تڏهن آءٌ هنن جي اهڙي مهماني ڪندس، جو سزا جو شراب پيئاري پيئاري کين مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن.


بڇڙا ماڻهو انهن کي ڪنڍيءَ يا ڄار ۾ ڦاسائي مٿي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿا وٺن. هو انهن کي پنهنجي وڏي ڄار ۾ گڏ ٿا ڪن ۽ پوءِ هو انهيءَ تي خوش ۽ سرها ٿا ٿين.


ڇا هاڻ هو ائين ئي پنهنجي ڄار جي وسيلي ڪندا رهندا؟ ۽ بي‌رحميءَ سان قومن کي تباهہ ڪندا رهندا؟


لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن. پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“


جهڙيءَ طرح اسان اوهان کي اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي، تهڙيءَ طرح ڪوشش ڪري امن وَ امان واري زندگي گذاريو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو.


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ