20 پر خداوند پنهنجي مقدس هيڪل ۾ موجود آهي، سو سڄي جهان کي گھرجي تہ هن جي اڳيان خاموش رهي.
20 پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.
پر نہ، آءٌ خدا سان ڳالهائڻ جي جرئت ئي نہ ٿو ڪري سگھان، ڇا ڪو اهڙو بيوقوف ٿيندو، جو چاهي تہ خدا کيس برباد ڪري ڇڏي؟
ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.
جڏهن تہ اسان جو خدا عرش عظيم تي آهي، ۽ هن کي جيڪي وڻي ٿو سو هو ڪري ٿو.
خدا حڪم ٿو فرمائي تہ ”جنگ بند ڪريو. ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان، جيڪو قومن ۾ سربلند ۽ سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ آهيان.“
خدا فرمائي ٿو تہ ”اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! ماٺ ڪري منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجو مقدمو عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار رهو. اوهان کي بہ ڳالهائڻ جو موقعو ملندو. سو اچو تہ گڏجي عدالت ۾ هلون، ۽ ڏسون تہ ڪير ٿو سچو ثابت ٿئي.
جنهن سال عُزياہ بادشاهہ وفات ڪئي تنهن سال مون يسعياہ ڏٺو تہ پروردگار هڪڙي تمام اوچي ۽ مٿاهين تخت تي ويٺو آهي، مون ڏٺو تہ سندس قبا جو دامن سڄي هيڪل تي پکڙيل هو.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟
ٻڌو، شهر مان وڏي شور وَ غل، ۽ هيڪل مان وڏي هل هنگامي جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي. اهو مون خداوند جو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيڻ جو آواز آهي.
اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ ’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘ پر تڏهن بہ اي خدا! آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس.
جڏهن منهنجو ساهُہ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون تو خداوند کي ياد ڪيو، منهنجي دُعا تنهنجي مقدس هيڪل ۾ تو تائين پهتي.
اي سموريون قومون! ٻڌو، هائو، اي ڌرتيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند خدا اوهان جا گناهہ ظاهر ڪندي اوهان جي خلاف فيصلو ڏيڻ وارو آهي. ٻڌو، هو پنهنجي عرش عظيم مان ڳالهائي رهيو آهي.
حبقُوق نبيءَ جي دعا، جيڪا سازن تي ڳائبي آهي.
خداوند خدا جي آڏو ماٺ ڪري بيهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا ڏيڻ وارو ڏينهن ويجھو آيو آهي. هن يهوداہ وارن کي هڪڙي قربانيءَ طور تيار ڪيو آهي. هو کين سندن دشمن جي اڳيان پيش ڪندو، جيڪي کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.
اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.