Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”هيءَ رويا لک. اها تختين تي اهڙن تہ صاف اکرن ۾ لک جو ڊوڙندڙ ماڻهو بہ اها آسانيءَ سان پڙهي سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ خداوند مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هي رويا لک، بلڪ تختين تي صاف لک، تہ جيڪو ڊوڙي ٿو سو بہ پڙهي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 2:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يسعياہ! هاڻي تون منهنجو اهو پيغام منهنجي قوم آڏو هڪڙي دستاويز ۾ لکي ڇڏ، تان‌تہ اهو هنن لاءِ هميشہ جي شاهدي رهي،


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون اورياہ ڪاهن ۽ زڪرياہ بن يبرڪياہ کي شاهد بڻاءِ، جيڪي ڀروسي جوڳا آهن، پوءِ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهيءَ تي صاف اکرن ۾ هي لک تہ ’فوري حملو، تڪڙ ۾ لٽ جو مال.‘“


”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک.


هاڻي اي دانيال! انهن رويائن وارين ڳالهين جي ڪتاب کي بند ڪري رک ۽ پڄاڻيءَ واري وقت تائين مٿس مُهر هڻي ڇڏ. انهيءَ دوران گھڻا ئي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھڻ لاءِ پيا اجائي ڊڪ ڊوڙ ڪندا.“


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


پر ڪليسيا ۾ ٻين کي تعليم ڏيڻ لاءِ، ڏهہ هزار اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ وارا لفظ ڳالهائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان خدمت ڪريون ٿا.


ياد رکو، اوهين انهن کوڙيل پٿرن تي هن شريعت جون سڀيئي ڳالهيون صاف ۽ چٽيءَ طرح لکجو.“


تنهنڪري هاڻي جيڪو گيت آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سو تون لکي ڇڏ. اهو تون سڄي بني اسرائيل قوم کي سيکارج ۽ کانئن ڳائرائج، تہ ڀلي اهو گيت سندن خلاف منهنجو شاهد هجي.


سو موسيٰ اهو گيت بني اسرائيل کي سيکارڻ لاءِ انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن لکيو.


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي خداوند عيسيٰ جا ٿي ٿا مرن.‘“ پاڪ روح چوي ٿو تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي خدا جا سچا لفظ آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ