Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 2:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيڪو ظلم توهان لبنان جي ٻيلن سان ڪيو، سو توهان تي ئي اچي ڪڙڪندو، ۽ جيڪو ڪوس توهان اتي جي جانورن ۾ وڌو، جنهن سان هو ڊڄي ويا سو بہ توهان کي ئي ڏهڪائي ڇڏيندو. انهيءَ سبب جو توهان انساني رت وهايو آهي، هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن، ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 جيڪو ظلم لبنان سان ٿيو، ۽ جيڪو ڪوس جانورن جو ٿيو، جنهنڪري هو ڊڄي ويا، ۽ جيڪو ظلم تو ملڪ ۽ شهر ۽ اُن جي رهاڪن سان ڪيو ۽ ماڻهن جو خون وهايو، سو تو تي ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 2:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اوهان گھڻين ئي قومن کي لٽيو ڦريو آهي، سو جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن سي وري توهان کي لٽيندا، ڇاڪاڻ تہ توهان انساني رت وهايو آهي. هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن ۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.


اي لبنان! تون پنهنجيون سرحدون کولي ڇڏ، تہ جيئن باهہ تنهنجي ديال جي وڻن کي هڙپ ڪري وڃي.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن کي اوهان جي ڏسندي انهن سڀني ڪمن جي سزا ڏيندس جيڪي هنن يروشلم ۾ ڪيا هئا.


بابل جا جيڪي ماڻهو ڀڄي اچي يروشلم ۾ پناهہ وٺندا سي ٻڌائيندا تہ خداوند خدا ڪيئن نہ بابلين کان پنهنجو بدلو ورتو آهي جن سندس هيڪل کي تباهہ ڪيو هو.


جيڪو خون جو ڏوهاري آهي، تنهن جي اوهين مدد نہ ڪريو. اهو جلدي وڃي قبر ۾ پوندو.


ٻڌو، اي بابل وارؤ! اوهين جيڪي برباد ٿيڻ تي آهيو. اهي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جيڪي توهان سان اهڙي ئي هلت ڪندا، جهڙي توهان اسان سان ڪئي هئي.


اي تيراندازؤ! اوهين سڀ بابل جي چوڌاري صفون ٻڌي بيهو. مٿس تير وسايو ۽ ڪوبہ تير باقي بچائي نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ بابل وارن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


تون ٻين قومن سان گھڻو واپار ڪندي ظلم سان ڀرجي ويو آهين. هائو، ظلم ۽ بدڪاريءَ سان ڀرجي تو گناهہ ڪري وڌو. سو مون تو کي پليت ڄاڻي پنهنجي جبل تان اڇلائي ڇڏيو، ۽ جيڪا پردار آسماني مخلوق تنهنجي حفاظت ڪندي هئي، تنهن تو کي ڀڄائي آتشي پٿرن کان دور ڪري ڇڏيو.


جڏهن آءٌ هن کي ٻين فاني انسانن جيان پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيندس، تڏهن هن جي ڪرڻ جي ڌڌڪي جي آواز سان قومون ڪنبي وينديون. اتي پاتال ۾ باغِ عدن جا سڀيئي وڻ ۽ لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ جيڪي اڳي پاڻيءَ تي پلندا هئا، سي سڀ هن جي پاتال ۾ اچي پوڻ تي خوش ٿيندا.


مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بي‌گناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“


ڇا هاڻ هو ائين ئي پنهنجي ڄار جي وسيلي ڪندا رهندا؟ ۽ بي‌رحميءَ سان قومن کي تباهہ ڪندا رهندا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ