Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 2:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر هاڻ توهان بہ فخر بدران شرمسار ٿيندءُ، توهان جو بہ وارو اچڻ وارو آهي، جڏهن توهان کي بہ اهڙي مئي پيئاري نشي ۾ بي‌حرمتو ڪيو ويندو. خدواند جي طرفان غصي وارو پيالو توهان ڏانهن ڦرڻ وارو آهي، ۽ خواري توهان جي فخر تي غالب ايندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 2:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو اهڙو پيالو آهي، جيڪو سخت غضب واريءَ خوب گڏايل مئي سان ٽمٽار آهي. خداوند انهيءَ پيالي منجھان پاڻ اوتي ٿو، ۽ انهيءَ جو آخري قطرو بہ نچوڙي دنيا جي سڀني بڇڙن کي پيئاريو ويندو.


ڏاهن ماڻهن کي عزت عطا ڪئي ويندي، جڏهن تہ بي‌وقوفن کي ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو.


اهڙي ئي نموني اشور جو شهنشاهہ مصر ۽ سوڊان وارن کي پڪڙي جلاوطن ڪري وٺي ويندو، پوءِ اهي ننڍا هجن توڙي وڏا، کين بلڪل انگ اگھاڙو پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي ويندو، جنهن ڪري مصري خوار خراب ٿيندا.


ماڻهو تنهنجي اوگھڙ ڏسندا. هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي. آءٌ بدلو وٺندس ۽ ڪوبہ مون کي روڪي نہ سگھندو.“


جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“


خداوند، بني اسرائيل جي خدا مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ هن فرمايو تہ ”اي يرمياہ! منهنجي هٿان مئي جو هي پيالو وٺ، جيڪو منهنجي غضب سان ڀريل آهي. اهو انهن سڀني قومن کي وڃي پيئار، جن ڏانهن آءٌ تو کي موڪليان ٿو.


سو مون رويا ۾ خداوند جي هٿان اهو پيالو ورتو ۽ جن جن قومن ڏانهن خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهيءَ مان پيئاريو.


آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہ‌سالارن ۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي، جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن. اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.


بابل خداوند جي هٿ ۾ مئي جي هڪڙي سوني پيالي مثل رهيو آهي، جنهن مان مئي پي سڄيءَ دنيا وارا مست ٿي پيا آهن. هائو، قومن ان مئي مان پئي پيتو آهي، تنهنڪري اهي ديوانيون ٿي پيون آهن.


ڀلي کِلو، اي پيارا ادوم وارؤ! هائو، عُوض جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي خوش ٿيو. پر اوهان تي بہ مصيبت جو وقت اچڻ وارو آهي. اوهين بہ سزا جو اهو پيالو پي مدهوش ٿي ويندا، ۽ اگھاڙا ڪيا ويندا.


تون نشي ۽ ڏک سان ڀرجي ويندينءَ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي ڀيڻ وارو اهو پيالو خوفناڪ برباديءَ سان ڀريل آهي.


اوهين ڪاهن تعداد ۾ جيئن جيئن وڌندا ويا، تيئن تيئن منهنجي خلاف وڌيڪ گناهہ ٿيندا ويا. اوهان کي جنهن مرتبي جي ڪري عزت ڏني ٿي وڃي، سو خواريءَ ۾ تبديل ٿي ويندو.


اهي پنهنجن اميرن بلڪ بادشاهہ کي جشن واري ڏينهن مئي پيئاري مدهوش ٿا ڪن، ايتري قدر جو امير ۽ بادشاهہ مئي جي نشي ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خلاف سازشون ڪندڙن سان رلي ملي ويا آهن.


توهان گھڻين ئي قومن خلاف منصوبا رٿيا آهن، جن سببان توهان پنهنجن گھرن کي لڄايو آهي، ۽ پنهنجو پاڻ کي برباد ڪيو اٿوَ.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي پنهنجي آس‌پاس وارن ملڪن جي ائين بي‌حرمتي ٿا ڪريو، جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي مئي جي سانداريءَ مان ايستائين پيئاريندو رهي جيستائين هو نشي ۾ مدهوش ٿي وڃي، تان‌تہ هو انهيءَ جي اوگھڙ ڏسي سگھي.


اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.


اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ