Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 2:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي رت وهائي ڳوٺن جو بنياد ٿا وجھو، ۽ ڏوهہ ڪندي شهر ٿا اڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 افسوس آهي انهي تي جو رت سان ڳوٺ اڏي ٿو، ۽ بڇڙائي سان شهر قائم ٿو ڪري!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 2:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخي‌اب جي ڏينهن ۾ بيت‌ايل جي رهاڪو حي‌ايل يريحو شهر وري تعمير ڪرايو. هن جڏهن يريحو شهر جو بنياد وڌو تہ سندس پهريتو پٽ ابيرام مري ويو ۽ جڏهن انهيءَ جا در اڏيائين تہ سندس سڀني کان ننڍو پٽ سجُوب بہ مري ويو. سو جيئن خداوند يشوع ولد نون جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي ٿيو.


آءٌ خداوند خدا انهيءَ خوني شهر کي هاڻي سزا ڏيندس، آءٌ خود ڪاٺين جي انهيءَ ڍڳ کي اڃا وڌائيندس.


اوهين خداوند جي شهر يروشلم کي تہ اڏايو ٿا پر انهيءَ اڏاوت ۾ خونريزي ۽ ناانصافي شامل آهي.


مصيبت آهي ان خوني شهر لاءِ، جيڪو ڪوڙ ۽ ڦر سان ٽمٽار آهي، جيڪو ڦر ۽ خون خرابي کان باز نہ ٿو اچي.


پوءِ اهي سڀيئي مظلوم انهن تي ٺٺوليون ڪندا ۽ نفرت وچان ملامت ڪري هيئن بہ چوندن تہ ”ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پرائو مال ميڙي مالدار ٿا بڻجن، ۽ جيڪي گروي ٿيل سامان رکي گھر ڀرين ٿا. پر ائين آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“


اهو خدا ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. خدا ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي.


يشوع انهيءَ وقت قسم کڻي خبردار ڪيو تہ ”جيڪو ماڻهو هن شهر يريحو کي وري اڏڻ جي ڪوشش ڪندو، سو خداوند جي لعنت هيٺ ايندو. جيڪو انهيءَ جو بنياد وجھندو، سو وڏي پٽ تان هٿ کڻندو. جيڪو انهيءَ جا در اڏيندو، سو ننڍڙي پٽ تان هٿ کڻندو.“


مون انهيءَ عورت کي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو، جن کي عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ سبب قتل ڪيو ويو هو. آءٌ انهيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ