حبقوق 1:7 - Muslim Sindhi Bible7 اها خوفناڪ ۽ هيبتناڪ قوم آهي. اها جيڪا پاڻ ئي پنهنجي عدالت آهي، ۽ پاڻ ئي پنهنجي مان ۾ اضافو ڪندي آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 هو خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آهن. هنن جي عدالت ۽ هنن جي وڏائي منجهانئن نڪري ٿي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اتان سمنڊ جي رستي ايلچي ٿا اچن، يعني پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان هلندڙ ڪانن جي جهازن ۾. اي تيز رفتار قاصدؤ! اوهين خداوند جو پيغام کڻي موٽي پنهنجي قوم وٽ وڃو، جنهن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي. انهيءَ جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن.
انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.
اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.