Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ڏسو، آءٌ بابلين کي کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪا هڪ چيڙاڪ ۽ بدمزاج قوم آهي، جيڪا سڄي دنيا کي ٻهاريندي ٿي وتي ۽ پراين وسندين تي قبضا ڪندي ٿي وتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ ڪسدين کي، جا ڪَرڙي ۽ اُٻري قوم آهي، اُٿاري کڙو ڪندس: جي سڄي زمين تي هلن ٿا ۽ اُهي جايون هٿ ٿا ڪن جي سندن ناهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 1:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهويقيم جي بادشاهيءَ دوران، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن جي ملڪ تي چڙهائي ڪري آيو ۽ يهويقيم ٽي سال هن جي ڍل ڀريندڙ ٿي رهيو، پر پوءِ هن نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.


خداوند بابلين، ارامين، موآبين ۽ بني عمون جا ٽولا يهوداہ ملڪ تي موڪليا. خداوند کين انهيءَ لاءِ موڪليو تہ هو يهوداہ کي تباهہ ڪن، جيئن هن پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت اڳ ۾ فرمايو هو.


تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


تڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر مٿس ڪاهہ ڪري آيو ۽ کيس بابل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ زنجيرن سان ٻڌائينس.


بابل ملڪ اهڙي تباهيءَ جو هڪڙو مثال آهي، جنهن جي قوم کي اشورين ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندن سڄي ملڪ کي جھنگلي جانورن جي جُوءِ بڻائي ڇڏيائون. هنن شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ ٺُلهہ کڙا ڪيا ۽ پوءِ انهن جي محلاتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائون. ايتري قدر جو بابل ملڪ ويران ٿي ويو.


اي يروشلم جي وسندي! پنهنجيون اکيون کڻي اتر کان چڙهائي ڪري آيل پنهنجي دشمنن کي ڏس. هاڻ ٻڌاءِ تہ تنهنجي ملڪ جو پاليل ڌڻ ڪٿي آهي؟ هائو، تنهنجا اهي رهاڪو ڪٿي آهن جن تي تو کي وڏو ناز هو؟


”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس.


تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آس‌پاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آس‌پاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.


”ڊپ جو آواز ٻڌجي پيو، يعني دهشت جو، نہ امن وَ سلامتيءَ جو.


انهيءَ وقت هن قوم ۽ يروشلم کي خداوند جو هي پيغام ٻڌايو ويندو تہ ”بيابان مان وارياسن دڙن کان منهنجي قوم ڏانهن تباهيءَ جو واءُ گھُلندو، جيڪو نہ تہ وائر ڪرڻ لاءِ هوندو ۽ نہ صفائيءَ لاءِ،


صيئون ڏانهن وڃڻ لاءِ جھنڊو کڻو، بنا دير پناهہ لاءِ ڀڄو! ڇاڪاڻ تہ خداوند اتر پاسي کان آفت بلڪ تباهي آڻيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهي.


انهيءَ ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، روئو رڙو ۽ واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان يهوداہ وارن تان ٽري ناهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا.


انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي. نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


هو تو تي ماڻهن جا ميڙ آڻي تو کي سنگسار ڪري ماريندا ۽ تنهنجي لاش کي پنهنجي تلوارن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا.


آءٌ تو تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ پنهنجي قهر جي باهہ تو تي ڀڙڪائيندس. آءٌ تو کي ظالم ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جيڪي ماري چٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهن.


سو ياد رک، آءٌ تو تي اهڙا ڌاريا ماڻهو چاڙهي آڻيندس، جيڪي قومن ۾ نهايت هيبتناڪ آهن. هو تنهنجو هنرمنديءَ واري واپار سان اڏيل شاندار شهر تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندا.


انهيءَ حاڪم جا ماڻهو ٻين قومن کان وڌيڪ هيبتناڪ آهن جيڪي انهيءَ وڻ کي وڍي هيٺ اڇلائي ڇڏيندا ۽ ان جون ٽاريون جبلن تي ۽ سڀني ماٿرين جي مٿان ڪري پونديون. ان وڻ جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڳا ويندا ۽ روءِ‌زمين جون سموريون قومون انهيءَ جي ڇانوَ مان نڪري کيس ڇڏي هليون وينديون.


اهي باهہ وانگر هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندا، هنن جي اڳيان جيڪي عدن جي باغ جهڙيون سرسبز ٻنيون آهن، تن سڀني کي اهي اهڙو برباد ڪري ڇڏيندا، جو سندن پٺيان اهي ويران ۽ بيابان نظر اينديون. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ ٿي سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ