Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




حبقوق 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي خداوند، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا! ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟ اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن. اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي تہ هو اسان کي سزا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 اي خداوند منهنجا خدا، اي منهنجا پاڪ خدا، تون هميشہ کان ناهين ڇا؟ اسين ڪين مرنداسين. اي خداوند تو هن کي عدالت لاءِ مقرر ڪيو آهي، ۽ تو، يعني اسان جي پناهہ، هن کي سيکت لاءِ قائم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




حبقوق 1:12
48 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابراهيم بيرسبع ۾ لئي جو هڪڙو وڻ لڳايو ۽ اتي خداوند، ابدي خدا جي عبادت ڪيائين.


اي سنحيرب! هاڻي مون خداوند جي ٻڌ، هي سڀ مون گھڻو اڳ رٿي ڇڏيو هو. تون نہ ٿو ڄاڻين تہ اهو آءٌ ئي آهيان، جنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ اهو سڀ ڪجھہ تو کي ڪرڻو آهي. مون ئي تو کي چونڊي ڪڍيو هو تہ تون انهن ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويران دڙا بڻائي ڇڏين.


اي منهنجا خدا! منهنجي التجا آهي تہ اڌ عمر ۾ ئي منهنجي حياتيءَ جي ڏور نہ ڪٽ. تون ازل کان ابد تائين پيڙهي بہ پيڙهي قائم آهين.


هاڻ آءٌ مرڻ کان بچي ويو آهيان. سو جيئرو رهي آءٌ خداوند جي قدرت بيان ڪندو رهندس.


بني اسرائيل پنهنجي خالق سان شاد رهن. هائو، صيئون جا رهاڪو پنهنجي انهيءَ بادشاهہ جي ڪري خوشيون ملهائين.


اي خداوند! اُٿي کڙو ٿيءُ، حملو ڪري انهن کي ڪيرائي وجھہ. پنهنجي تلوار کڻ ۽ مون کي انهن شريرن کان بچاءِ.


اي خداوند! تون جيڪو منهنجي طاقت آهين، آءٌ تو کي پيار ڪريان ٿو.


پر اي خدا! تون قديم وقت کان اسان جو بادشاهہ آهين، ۽ تون ئي تہ دنيا ۾ سوڀارو ڪندڙ آهين.


اي ڌڻي! پيڙهي بہ پيڙهي تون ئي اسان جي پناهہ‌گاهہ رهيو آهين.


ان کان اڳ جو جبل پيدا ٿيا، ۽ تو زمين بلڪ سڄي جهان کي جوڙيو، تون ئي ازل کان خدا هئين ۽ ابد تائين رهندين.


اي خداوند! تنهنجو تخت قديم زماني کان قائم آهي. هائو، تون ئي ازل کان قائم وَ دائم آهين.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.


خبر اٿيئي تہ اهو ڪير آهي جنهن بابت تو ڪفر بڪيو آهي، ۽ سندس خلاف بڪواس ڪئي اٿيئي؟ خبر اٿيئي تہ ڪنهن ڏانهن غرور سان اکيون کنيون اٿيئي؟ اهو آءٌ بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان.


اي سنحيرب! هاڻي مون خداوند جي ٻڌ، هي سڀ مون گھڻو اڳ رٿي ڇڏيو هو. تون نہ ٿو ڄاڻين تہ اهو آءٌ ئي آهيان، جنهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ اهو سڀ ڪجھہ تو کي ڪرڻو آهي. مون ئي تو کي چونڊي ڪڍيو هو تہ تون انهن ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويران دڙا بڻائي ڇڏين.


ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو يا اوهان نہ ٻڌو آهي تہ خداوند ئي هميشہ قائم رهندڙ خدا آهي، جيڪو سڄيءَ دنيا جو خالق آهي. اهو نہ ٿڪجي ٿو، نڪي ساڻو ٿو ٿئي. هن جي حڪمت سمجھڻ کان ٻاهر آهي.


آءٌ خداوند اوهان جو پاڪ معبود آهيان. اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ ئي اوهان جو خالق ۽ بادشاهہ آهيان.


ماڻهو تو کي بيحد حقير ٿا ڄاڻين، ۽ تون سڀني قومن ۾ نفرت جوڳو، ۽ حڪمرانن جو نوڪر آهين. پر هاڻي آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو پاڪ معبود، ۽ انهن جو ڇڏائيندڙ چوان ٿو تہ اهي بادشاهہ ۽ حڪمران تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تو کي تعظيم ڏيندا. آءٌ خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪندس. آءٌ خداوند بني اسرائيل جو پاڪ معبود آهيان، جنهن جو تون چونڊيل ٻانهو آهين.“


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڄي دنيا ويران ٿي ويندي، جيتوڻيڪ اڃا مون ان کي صفا تباهيءَ تي نہ پهچايو آهي.


اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند ٿو فرمائي تہ ”انهيءَ هوندي بہ انهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم کي پوريءَ طرح ناس نہ ڪندس.


پر تون اي خداوند! هميشہ هميشہ تائين حڪمران رهندين. هائو، تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو.


بيشڪ جڏهن آءٌ کيس ڪمزور ڪندس ۽ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪري سندس هٿ ۾ پنهنجي تلوار ڏيندس، تڏهن اهو مصر ۾ قتلام ڪندو.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند پنهنجي واعدي تان نہ ڦرندو آهيان، انهيءَ ڪري اي يعقوب جو اولاد! اوهين پوريءَ طرح برباد نہ ٿيا آهيو.


هو پاڪ ۽ سچار هو، پر اوهان کيس رد ڪري هڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيو.


اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.


اُهو ازلي خدا ئي اسان جي جاءِ‌پناهہ آهي، سندس ٻانهون اسان جي لاءِ دائمي سهارو آهن. خدا اوهان کي فرمايو آهي تہ ’دشمنن کي برباد ڪري ڇڏيو.‘ سو هو اوهان جي دشمنن کي اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندو،


هاڻي شل دائمي بادشاهہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


عيسيٰ مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ ابد تائين ساڳيو ئي آهي.


جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


خداوند جهڙو ڪو ٻيو پاڪ ڪونهي، نڪي اسان جي خدا جهڙو ڪو ٻيو محافظ آهي، هائو، هن کان سواءِ ٻيو ڪو ئي بہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ