Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 9:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي جان وٺندو تہ انهيءَ کي سزا ملندي. جيڪڏهن ڪو جانور ڪنهن ماڻهوءَ جو ساهہ وٺندو تہ انهيءَ کي بہ سزا ۾ ماريو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ اوهان جي رت يعني ساهہ جو بدلو آءٌ ضرور وٺندس؛ هر ڪنهن جانور ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کان انهيءَ جو بدلو وٺندس. ماڻهوءَ جي ساهہ جو بدلو سندس ڀاءُ کان وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 9:5
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن روبن کين وراڻيو تہ ”مون اوهان کي ڪونہ چيو هو تہ ’ڇوڪري سان ظلم نہ ڪريو.‘ پر اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هاڻ انهيءَ جي خون جي پڇا ٿي آهي.“


تہ پوءِ جڏهن ڪن بدڪار ماڻهن، جن هڪڙي بي‌گناهہ ماڻهوءَ کي هن جي گھر ۾ گھڙي سندس پلنگ تي ماريو آهي، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ بدلو ڏيان. هاڻي ڇا آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان کان نہ وٺان؟ ڇا اوهان کي زمين تان نيست وَ نابود نہ ڪري ڇڏيان؟“


سو تون پنهنجي سمجھہ کان ڪم وٺجانءِ ۽ هن جي اڇي مٿي کي سلامتيءَ سان قبر ۾ وڃڻ نہ ڏجانءِ.“


جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ سندس پٽ ماريو ويو آهي تڏهن هن دائود جي سڄي شاهي گھراڻي کي ماري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.


اهڙيءَ طرح بادشاهہ يوآس زڪرياہ جي پيءُ جا اهي احسان بہ وساري ڇڏيا جيڪي هن ساڻس ڪيا هئا، بلڪ سندس پٽ کي مارائي ڇڏيائين. زڪرياہ مرڻ وقت پڪاري چيو تہ ”شل خداوند اهو ڏسي ۽ اوهان سڀني کان انهيءَ جو حساب وٺي.“


امُون جي عملدارن سندس خلاف سازش ڪئي ۽ کيس سندس ئي محل ۾ ماري ڇڏيائون.


تنهن تي ملڪ جي ماڻهن انهن سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو جن امُون بادشاهہ جي خلاف سازش ڪئي هئي ۽ سندس پٽ يوسياہ کي ان جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايائون.


خدا مظلومن کي ياد رکي ٿو، ۽ انهن جون دانهون ٻڌي ٿو. هو ظالمن کان مظلومن جو بدلو وٺڻ بلڪل نہ ٿو وساري.


”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري وڃي، تہ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي.


اوهان مان ڪوبہ پنهنجيءَ قوم ۾ گلاخوري ڪندو نہ وتي، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي جان خطري ۾ وجھڻ تي سندرو ٻڌي بيهي. آءٌ خداوند آهيان.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تہ انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


جيڪو ڪنهن جانور کي ماري وجھي، سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي، پر جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تنهن کي موت جي سزا ڏني وڃي.


هاڻي جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي لوهہ جي شيءِ سان اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ ڌڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي.


يا جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي پٿر اڇلائي هڻي ۽ هو مري پوي، تہ پوءِ پٿر اڇلائي هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي.


يا جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ڪاٺيءَ جي شيءِ سان اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ ڌڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي.


يا دشمنيءَ وچان کيس اهڙي مُڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ مُڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي. مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.


انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.


هن هڪڙي ئي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آهن، تہ جيئن اهي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. هن انهن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رهڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آهن،


پر ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪا دشمني هجي. سو هو انهيءَ جي لاءِ وجھہ وٺي ويٺو هجي ۽ اوچتو مٿس حملو ڪري کيس اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي. پوءِ جيڪڏهن هو انهن شهرن مان هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي،


تہ سندس شهر جا اڳواڻ انهيءَ کي اتان آڻائين ۽ بدلو وٺڻ واري جي حوالي ڪن تہ ڀلي انهيءَ جي هٿان ماريو وڃي.


اهڙيءَ طرح خدا ابيملڪ کي انهيءَ برائيءَ جو بدلو ڏنو، جيڪا هن پنهنجي ستر ڀائرن کي ماري پنهنجي پيءُ سان ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ