26 خداوند، سِم جو خدا سڳورو آهي، شال ڪنعان سِم جي اولاد جو غلام ٿئي.
26 ۽ چيائين تہ خداوند سم جو خدا سڳورو آهي؛ ڀلي تہ ڪنعان هن جو غلام ٿئي.
سڀ تعريف انهيءَ خدا تعاليٰ جي آهي جنهن تو کي تنهنجي دشمنن تي سوڀ ڏني.“ پوءِ ابرام سموري هٿ ڪيل مال مان ڏهون حصو ملڪِصدق کي ڏنو.
پوءِ چيائين تہ ”خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا کي ساراهہ جڳائي، جنهن منهنجي مالڪ تان پنهنجي لافاني شفقت ۽ وفا ڪين هٽائي آهي. خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي مائٽن ۾ وٺي آيو آهي.“
شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“
اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ مقرر ڪيو آهي ۽ سندس سمورا ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم. هن کي اناج ۽ مئي بہ ڏني اٿم. هاڻي پٽ، آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھان؟“
تون پنهنجي تلوار جي زور تي گذران ڪندين ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين. پر جڏهن تنهنجي بيچيني وڌي ويندي تڏهن تون هن جي وس کان نڪري ويندين.“
سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن کي اهي نعمتون حاصل آهن. هائو، سڀاڳي آهي اها قوم جنهن جو معبود خداوند آهي.
اهي ئي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ جسماني طور مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي واکاڻ هميشہ ٿئي. آمين.
پوءِ موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي خدا جا پيارؤ! اسان جي خدا جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، جيڪو عرش کان ڪڪرن تي حشمت سان سوار ٿي اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.
پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.
تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي آهيو. اوهين سڀ هميشہ غلاميءَ هيٺ رهندا ۽ منهنجي خدا جي پاڪ گھر لاءِ ڪاٺيون وڍيندا رهندا ۽ پاڻي ڀريندا رهندا.“
جڏهن بني اسرائيل مضبوط ٿيا، تڏهن هو ڪنعانين کان بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا پر انهن کي صفا هڪالي نہ ڪڍيائون.