Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 9:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تنهن تي سِم ۽ يافت هڪڙي چادر پنهنجن ڪلهن تي کنئي ۽ تنبوءَ ۾ پٺيرا وڃي پنهنجي پيءُ جي اوگھڙ ڍڪيائون. انهن پنهنجا منهن ابتا ڪيا انهيءَ لاءِ تہ پيءُ جي اوگھڙ نہ ڏسن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تنهن تي سم ۽ يافت هڪڙي چادر پنهنجن ڪلهن تي کنئي ۽ پٺيرا وڃي پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڍڪيائون. انهن جا منهن اُبتا هئا، ۽ انهن پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڪانہ ڏٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 9:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان جي پيءُ حام جڏهن پنهنجي پيءُ کي اگھاڙو ڏٺو تہ ٻاهر وڃي پنهنجي ٻنهي ڀائرن کي ٻڌايائين.


جڏهن نوح تان نشو لٿو تڏهن جيڪي سندس ننڍي پٽ ساڻس ڪيو هو سو کيس معلوم ٿيو.


اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.


اوهين وڏي عمر وارن جي اڳيان انهن جي احترام ۾ اُٿي بيهجو ۽ سندن عزت ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.


سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ گھرجي تنهن جو احترام ڪريو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوهين جيڪي پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا، تنهن کي نرم مزاجيءَ سان سڌاريو. اوهين پنهنجو بہ خيال ڪندا رهو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.


ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ کي ڇڙٻ نہ ڏي، بلڪ انهيءَ کي پيءُ وانگر سمجھي نصيحت ڪر ۽ نوجوانن کي ڀائرن وانگر سمجھاءِ.


جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.


ڪنهن اڳواڻ تي ڪا تهمت لڳي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کان سواءِ نہ ٻڌجانءِ.


سڀني جي عزت ڪريو، هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، خدا جو خوف رکو ۽ شهنشاهہ جو احترام ڪريو.


سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ