5 پاڻي لهندو ويو ۽ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ جبل جون چوٽيون ڏسڻ ۾ آيون.
5 ۽ ڏهين مهيني تائين پاڻي لهندو ويو: ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ جبل جون چوٽيون ڏسڻ ۾ آيون.
جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون.
پاڻي ڌرتيءَ تان آهستي آهستي لهڻ لڳو ۽ ڏيڍ سؤ ڏينهن کان پوءِ گھڻو گھٽجي ويو.
پوءِ ستين مهيني جي سترهين تاريخ ٻيڙو اراراط جبلن جي قطار مان هڪ جبل تي اچي بيٺو.
چاليهن ڏينهن کان پوءِ نوح ٻيڙي جو هڪڙو روشندان کوليو.