پيدائش 8:21 - Muslim Sindhi Bible21 قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 ۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘