19 سڀيئي جانور، سرندڙ جيت ۽ پکي ٻيڙي مان نڪري ٻاهر آيا.
19 ۽ سڀئي جانور، ۽ سڀيئي سرندڙ جيت، ۽ سڀئي پکي ۽ سڀ جيڪي زمين تي هلن ٿا، سي ٻيڙيءَ مان نڪري ٻاهر آيا.
سو وڏا وڏا سامونڊي جانور ۽ هر قسم جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ ساهوارا ۽ هر قسم جا پکي پيدا ٿيا. خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي.
پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”زمين هر قسم جا ننڍا وڏا، گھريلو ۽ جھنگلي جانور ۽ سرندڙ جيتجڻا پيدا ڪري.“ سو ائين ئي ٿيو.
تڏهن نوح پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ انهن جي زالن کي پاڻ سان گڏ وٺي ٻاهر آيو.
پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ هر قسم جي پاڪ جانورن ۽ پکين مان هڪ هڪ کڻي قربانگاهہ تي آڻي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪيائين.
سڀني ساهوارن، سڀني پکين ۽ سڀني جانورن، جيڪي ٻيڙي مان توهان سان گڏ لٿا آهن، تن سان عهد ٿو ڪريان.