Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 8:1
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو جن ۾ لوط رهندو هو، تڏهن ابراهيم جي يادگيري ڪيائين ۽ لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.


پوءِ خدا راخل کي بہ ياد ڪيو ۽ انهيءَ جي ٻُڌائين ۽ سندس ڪُکِ کوليائين.


سڀني ساهوارن، سڀني پکين ۽ سڀني جانورن، جيڪي ٻيڙي مان توهان سان گڏ لٿا آهن، تن سان عهد ٿو ڪريان.


اي منهنجا خدا! انهيءَ ڳالهہ ڪارڻ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي ڪم مون وفاداريءَ سان تو پنهنجي خدا جي گھر ۽ ان جي خدمتن لاءِ ڪيا آهن سي ميٽي نہ ڇڏج.


پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج.


اي منهنجا خدا! اها ڳالهہ ياد ڪر تہ انهن ڪيئن نہ ڪهانت جي توڙي انهيءَ عهد جي بي‌حرمتي ڪئي آهي، جيڪو عهد تو ڪاهنن ۽ لاوين سان ٻڌو هو.


مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.


ڏسو، هو برسات کي روڪي ٿو تہ سڀ ڪجھہ سڪي وڃي ٿو، وري جڏهن هو انهيءَ کي موڪلي ٿو تہ اها زمين کي ٻوڙي ٿي ڇڏي.


پر ڪاش! تون مون کي پاتال ۾ لڪائي رکين، ۽ جيستائين تنهنجي ڪاوڙ لهي نہ وڃي، تيستائين مون کي نظرانداز ڪري ڇڏين، ۽ پوءِ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري مون کي ياد فرمائين.


اهو سڀ هن پنهنجي انهيءَ ذاتي واعدي موجب ڪيو، جيڪو پنهنجي بندي ابراهيم سان ڪيو هئائين.


اي خداوند! جڏهن تون پنهنجي ٻاجھہ سان پنهنجي قوم کي ڇڏائين، تڏهن مون کي بہ ياد ڪج،


خداوند اسان جي سار لڌي آهي، هاڻ هو اسان کي برڪت ڏيندو. هائو، بني اسرائيل کي ۽ انهن جي ڪاهنن کي هو پنهنجي برڪت عطا ڪندو.


اي خداوند! تون دائود کي نہ وسار، هن جيڪي ڏک ڏٺا آهن تن کي تون ياد ڪر.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏکن ۾ اسان جي سار لڌي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


اي خداوند! بني ادوم خلاف يروشلم جي تباهيءَ واري ڏينهن کي ياد ڪر، جڏهن هنن بابلي لشڪر کي چيو ٿي تہ ”انهيءَ کي ڊاهيو، بلڪ ان جون پاڙون ئي پٽي ڪڍو.“


خداوند ئي اونهن پاڻين تي تخت‌نشين آهي، هو بادشاهہ طور هميشہ هميشہ تخت‌نشين رهندو.


تنهنجي سچائي ايڏي اوچي آهي جيڏا اوچا وڏا پهاڙ آهن. تنهنجا فيصلا ايڏا اونها آهن جيڏي اونهائي وڏي بحر جي آهي. اي خداوند! ماڻهن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين.


موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگھيريو تہ خداوند سڄي رات اوڀر جو تيز واءُ گھلايو ۽ سمنڊ کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، ايتري قدر جو اهو سڪي زمين ٿي پيو ۽ پاڻي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو.


تڏهن اي خداوند! تو پنهنجو واءُ گھُلايو تہ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو. اهي زور واري پاڻيءَ اندر شيهي وانگر غرق ٿي ويا.


تڏهن خدا سندن دانهون ٻڌي پنهنجي انهيءَ عهد کي ياد ڪيو، جيڪو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان ٻڌو هو.


جهڙيءَ طرح اتر جو واءُ برسات آڻيندو آهي، تهڙيءَ طرح گلا غيبت واريون ڳالهيون غصو ڏياريو ڇڏين.


هاڻ ڀلي کڻي سمنڊ يا نديون انهيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن، تہ بہ آءٌ هڪڙي ئي لفظ سان انهن کي بہ سڪائي ڇڏيندس.“


آءٌ اوهان جي ندين تي بہ اها تلوار کڙي ڪندس، تہ انهن جو پاڻي سڪي ويندو. آءٌ اهو سڀ انهيءَ ڪري ڪندس جو اوهان جو ملڪ بت‌پرستيءَ وارو ملڪ آهي، ۽ اوهين پنهنجي انهن هيبتناڪ بتن جا ديوانا بڻجي ويا آهيو.


سو خداوند، بني اسرائيل جو خدا قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ سندن بدڪارين مان ڪا هڪڙي بہ ڪين وساريندس.


تڏهن ڇا مون کي انهيءَ وڏي شهر نينواہ جي ڳڻتي نہ هوندي جنهن ۾ بي‌شمار چوپايي مال کان سواءِ هڪ لک ويهن هزارن کان وڌيڪ معصوم ٻار آهن.“


هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن.


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگھي پار پوندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گجندڙ سمنڊ کي ڌڪ هڻي ماٺو ڪري ڇڏيندس، ۽ مصر جي نيل نديءَ کي تري تائين سڪائي ڇڏيندس. هائو، مغرور اشور ڪنڌ ڀر ڪري پوندو، ۽ طاقتور مصر جي شاهي لٺ ڀڄي پوندي.


جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرو جنهن اوهان کي ستايو هجي، تڏهن اوهين توتارن مان وڏي زور سان آواز ڪڍجو. پوءِ آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي نظر ڪندس ۽ اوهان کي اوهان جي دشمنن کان بچائيندس.


خداوند جي ملائڪ بلعام کان پڇيو تہ ”تو پنهنجيءَ گڏهِہ کي ڇو ٽي ڀيرا مار ڏني؟ آءٌ تنهنجو رستو روڪڻ لاءِ آيو آهيان، ڇو تہ تنهنجو هي رستو منهنجي نظر ۾ گمراهيءَ وارو رستو آهي.


زلزلو ايڏو تہ سخت هو جو وڏو شهر بابل ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا ٻيا شهر بہ ڪري پيا. ائين خدا اُن وڏي شهر بابل جي بڇڙائي ياد ڪري کيس پنهنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پيئاريو.


ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جا گناهہ عرش عظيم تائين اچي پهتا آهن، ۽ خدا کي هن جون بدڪاريون ياد آهن.


ٻئي ڏينهن القانہ ۽ سندس ڪٽنب وارا صبح جو سوير اٿيا ۽ خداوند جي حضور ۾ سجدو ڪيائون. پوءِ هو رامہ شهر ۾ پنهنجي گھر موٽي آيا. القانہ پنهنجيءَ زال حنہ وٽ ويو ۽ خداوند حنہ جي دعا پوري ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ