Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 7:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو ستن ڏينهن کان پوءِ، آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن وسائيندس، ۽ جيڪي بہ ساهوارا مون جوڙيا آهن، تن سڀني کي برباد ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 7:4
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.


پوءِ خدا نوح کي چيو تہ ”مون انسانذات کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. آءٌ انهن کي بلڪل تباهہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ دنيا انهن جي ظلم سان ڀرجي ويئي آهي.


آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو.


تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“


سو خداوند چيو تہ ”جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندس، جانورن، سرندڙ جيتن توڙي پکين سميت، ڇاڪاڻ تہ کين پيدا ڪرڻ کان مون کي ڏک ٿيو آهي.“


ستن ڏينهن کان پوءِ ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي.


چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن پوندو رهيو.


چاليهن ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي ٻوڏ ايندي رهي ۽ پاڻي ويو چڙهندو، تان جو ٻيڙو مٿي کڄي ترڻ لڳو ۽ ڌرتيءَ کان کڄي مٿي ٿيو.


هر قسم جي پکين مان بہ ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون کڻج، تہ جيئن ڌرتيءَ تي انهن جو نسل قائم رهي.


ست ڏينهن ٻيا ترسڻ کان پوءِ نوح وري انهيءَ ڪبوتريءَ کي اڏاريو.


پوءِ ٻيا ست ڏينهن ترسي هن وري بہ ڪبوتري اڏاري جيڪا وٽس موٽي ڪونہ آئي.


ڌرتيءَ جي هيٺان ڦٽي نڪتل چشما ۽ آسمان جون دريون بند ٿي ويون ۽ مينهن بند ٿي ويو.


اهي پنهنجي مرڻ واري وقت کان اڳ ئي ماريا ويا، ڇاڪاڻ تہ ٻوڏ سندن بنياد ئي لوڙهي ويئي.


شروعات ۾ خالق جڏهن هوا جو زور مقرر ٿي ڪيو، ۽ ڪڪرن لاءِ پاڻيءَ جو مقدار ٿي مقرر ڪيائين،


تون زندگيءَ واري ڪتاب منجھان سندن نالا مِٽائي ڇڏ، ۽ سندن نالا سچارن جي نالن سان گڏ داخل ٿيڻ نہ ڏي.


تنهنڪري خداوند تو بابت فرمائي ٿو تہ ’آءٌ تو کي روءِزمين تان مِٽائڻ وارو آهيان. هن ئي سال تون مري ويندين، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“


جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.


هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ