22 جن ۾ بہ زندگيءَ جو دم هو ۽ سڪيءَ زمين تي رهندا هئا سي سڀ مري ويا.
22 ۽ جن ۾ زندگيءَ جو دم هو ۽ جيڪي سڪيءَ زمين تي رهندا هئا، سي سڀئي مري ويا.
خدا انهن سڀني کي ٺاهيو ۽ خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي.
پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.
آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو.