18 پاڻي ڌرتيءَ تي چڙهندو چڙهندو گھڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙو پاڻيءَ تي ترڻ لڳو.
18 ۽ پاڻي زمين تي چڙهندو رهيو، ۽ گهڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ تي ترڻ لڳي.
چاليهن ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي ٻوڏ ايندي رهي ۽ پاڻي ويو چڙهندو، تان جو ٻيڙو مٿي کڄي ترڻ لڳو ۽ ڌرتيءَ کان کڄي مٿي ٿيو.
پاڻي ڌرتيءَ تي ايترو تہ چڙهيو جو سڄيءَ دنيا جا وڏا وڏا جبل بہ ٻڏي ويا.
اهي پنهنجي مرڻ واري وقت کان اڳ ئي ماريا ويا، ڇاڪاڻ تہ ٻوڏ سندن بنياد ئي لوڙهي ويئي.
انهيءَ منجھہ جهاز هلن ٿا، ۽ ازدها بلا بہ منجھس رهي ٿي، جنهن کي تو اتي کيڏڻ ڪُڏڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي.
ائين نہ ٿئي جو اها ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏي، يا آءٌ اُونهي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃان، يا وري قبر مون کي ڳهي وڃي.
سو پاڻي موٽي آيو ۽ گاڏين، سوارن ۽ فرعون جي سڄي لشڪر کي، جيڪو هنن جي پٺيان ڪاهي سمنڊ جي وچ ۾ آيو هو ٻوڙي ڇڏيائين. انهن منجھان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.