Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 7:12 - Muslim Sindhi Bible

12 چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن پوندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون زمين تي مينهن پئي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 7:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چاليهن ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي ٻوڏ ايندي رهي ۽ پاڻي ويو چڙهندو، تان جو ٻيڙو مٿي کڄي ترڻ لڳو ۽ ڌرتيءَ کان کڄي مٿي ٿيو.


ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“


ڌرتيءَ جي هيٺان ڦٽي نڪتل چشما ۽ آسمان جون دريون بند ٿي ويون ۽ مينهن بند ٿي ويو.


سو هن اُٿي کاڌو ۽ پيتو. انهيءَ کاڌي جي طاقت سان هو چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون سفر ڪري خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


تڏهن موسيٰ ڪڪر جي اندر گھڙي، جبل تي چڙهي ويو. هو جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون رهيو.


جيئن تہ عيسيٰ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون روزي ۾ گذاريو هو، تنهنڪري کيس ڏاڍي بک لڳي هئي.


موسيٰ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون جبل تي رهيس. هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ نہ چاهيائين.


انهيءَ سبب جو جيڪو ڪم خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري اوهان کيس ڪاوڙايو هو. سو اوهان جي انهيءَ وڏي گناهہ جي ڪري آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، مون نڪا ماني کاڌي، نڪي پاڻي پيتم.


جڏهن آءٌ پٿر جون تختيون، جن تي خداوند جو اوهان سان ٻڌل عهد لکيل هو، سي وٺڻ لاءِ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم.


پاڻيءَ جي ئي وسيلي سڀ ڪجھہ چٽ ٿي ويو، جڏهن قديم زماني جي دنيا تي ٻوڏ آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ