Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 7:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ ورهين جي هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ وڏي سمنڊ جا سڀئي چشما ڦاٽي پيا، ۽ آسمان جون دريون پٽجي پيون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 7:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح خدا هڪ حد بڻائي، جنهن جي وسيلي هيٺ واري پاڻيءَ کي مٿي واري پاڻيءَ کان ڌار ڪيائين.


آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو.


جڏهن ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي.


ٻئي مهيني جي ستاويهين تاريخ سڄي ڌرتي سڪي ويئي.


ڌرتيءَ جي هيٺان ڦٽي نڪتل چشما ۽ آسمان جون دريون بند ٿي ويون ۽ مينهن بند ٿي ويو.


تنهن تي بادشاهہ جي انهيءَ ذاتي خدمتگار کيس وراڻيو هو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي بہ ڇڏي تڏهن بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تڏهن اليشع کيس ورندي ڏني هئي تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


ڏسو، هو برسات کي روڪي ٿو تہ سڀ ڪجھہ سڪي وڃي ٿو، وري جڏهن هو انهيءَ کي موڪلي ٿو تہ اها زمين کي ٻوڙي ٿي ڇڏي.


آباديءَ کان پري هو سرنگھون هڻن ٿا، جن کان واٽهڙن جا پير بہ بي‌خبر آهن، هائو، ماڻهن کان پري اهي سرنگھن ۾ رسين تي لهن چڙهن ٿا.


اي ايوب! ڇا تون سمنڊ جي اونهائيءَ وارن چشمن ۾ ڪڏهن داخل ٿيو آهين؟ ڇا تون گَهري سمنڊ جي تري تي ڪڏهن گھميو آهين؟


ڪير پنهنجي عقل جي زور تي ڪڪرن جو شمار ڪري سگھي ٿو؟ ڪير آسماني ساندارن کي اٽلائي ٿو سگھي؟


هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند رکي ٿو، هائو، هو وڏن وڏن بحرن کي سندن مقرر جاءِ ۾ بند رکي ٿو.


تو ئي سڪل چشمن ۽ برساتي نهرن کي جاري ڪيو هو، ۽ تو ئي پاڻيءَ سان ڀريل وڏا وڏا درياءَ سڪائي ڇڏيا هئا.


هن جي ڏاهپ جي وسيلي زمين جي اونهاين وارو پاڻي نڪري نهرن جي صورت ۾ وهي ٿو، ۽ ڪڪر آسمان مان برسات ٿا وسائين.


هائو، جيڪي دهشت واري آواز کان ڀڄندا، سي کڏ ۾ وڃي ڪرندا. جيڪي کڏ مان نڪري ٻاهر ايندا، سي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا. مطلب تہ اوهان مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ آسمان مان برسات جو وهڪرو اچي نازل ٿيندو، ۽ ڌرتيءَ جا بنياد لوڏيا ويندا.


زمين کي ايڏو تہ سختيءَ سان لوڏيو ويندو، جو اها ڦاٽي پوندي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي.


اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان ڪڪر اٿاري ٿو. هو مينهن سان گڏ کِنوڻ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدامن مان هوا اُماڻي ٿو.


بيشڪ، اي صور شهر! آءٌ خداوند خدا تو کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيندس، جيئن ٻيا برباد ٿيل شهر. آءٌ تو تي تباهيءَ واريون سامونڊي ڇوليون چاڙهي آڻيندس جيڪي تو کي ٻوڙي ڇڏينديون.


اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


انهن ڏينهن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا ٿي رهيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا ٿي رهيا، تان جو اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو.


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


پاڻيءَ جي ئي وسيلي سڀ ڪجھہ چٽ ٿي ويو، جڏهن قديم زماني جي دنيا تي ٻوڏ آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ