Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن خداوند کي ڌرتيءَ تي انسان جي پيدا ڪرڻ جو افسوس ٿيو ۽ دل ۾ ڏک ٿيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تڏهن خداوند زمين تي انسان کي پيدا ڪرڻ کان پشيمان ٿيو ۽ دل ۾ رنج ٿيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 6:6
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو خداوند چيو تہ ”جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندس، جانورن، سرندڙ جيتن توڙي پکين سميت، ڇاڪاڻ تہ کين پيدا ڪرڻ کان مون کي ڏک ٿيو آهي.“


پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو.


خدا هڪڙي ملائڪ کي موڪليو تہ يروشلم کي تباهہ ڪري. هو اڃا تباهہ ڪري ئي رهيو هو تہ خداوند کي ترس اچي ويو سو انهيءَ ملائڪ کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ تنهن وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو.


سو هن سندن واسطي پنهنجي ٻڌل عهد کي ياد ڪيو، ۽ پنهنجي گھڻي ٻاجھہ جي ڪري پنهنجو سزا وارو ارادو بدلائي ڇڏيائين.


خداوند قسم کڻي تو سان واعدو ڪيو آهي، جيڪو هو ڪڏهن نہ ٽوڙيندو تہ ”تون ملڪصدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن ٿيندين.“


تو سان دغابازي ڪندڙن کي ڏسي مون کي نفرت آئي، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجي احڪامن تي عمل نہ ٿا ڪن.


ڪيڏا نہ ڀيرا هنن بيابان ۾ ساڻس سرڪشي ڪئي آهي! هائو، ڪيڏا نہ ڀيرا هنن رڻ‌پٽ ۾ کيس رنجايو آهي!


ڪاش، اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي ٻڌو. ڪاش، اي بني اسرائيل! اوهين منهنجي ئي واٽن تي هلو.


آءٌ چاليهن سالن تائين ان پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، ۽ چيو هئم تہ ’هي اهڙا ماڻهو آهن جن جون دليون گمراهہ آهن، ۽ جيڪي منهنجي راهن تي هلڻ کان انڪاري آهن.‘


تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


جيڪڏهن ڪنهن وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ فلاڻي قوم يا فلاڻي حڪومت جون پاڙون پٽجڻ واريون آهن يا اها ڊهڻ ۽ تباهہ ٿيڻ واري آهي،


پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو.


جڏهن خدا ڏٺو تہ هو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت کان توبهہ‌تائب ٿي ويا آهن، تڏهن خدا پنهنجو ارادو بدلايو ۽ انهن سان ائين ڪونہ ڪيائين جيئن چيو هئائين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند پنهنجي واعدي تان نہ ڦرندو آهيان، انهيءَ ڪري اي يعقوب جو اولاد! اوهين پوريءَ طرح برباد نہ ٿيا آهيو.


خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.


ڇاڪاڻ تہ خدا پنهنجي ڪيل چونڊ ۽ پنهنجي ڏنل نعمتن کان ڦري نہ ٿو.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


ڪاش! تون داناءِ هجين ها تہ اهو سمجھي وڃين ها، ۽ پوءِ پنهنجي انجام تي ڪو غور ڪرين ها.


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


شل هنن ۾ هميشہ اهڙي دل هجي، جو هو منهنجو خوف ڪندا رهن ۽ منهنجي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهن، تہ هنن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي.


هائو، آءٌ انهيءَ پيڙهيءَ کان ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ ’انهن ماڻهن جون دليون هميشہ گمراهہ رهن ٿيون. انهن منهنجي واٽن تي هلڻ جي ڪوشش نہ ڪئي.‘


اهي ڪير هئا جن کان خدا چاليهن سالن تائين ناراض رهيو؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش رڻ‌پٽ ۾ پيا رهيا؟


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


”سائول کي بادشاهہ بڻائي مون کي افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس.“ تنهن تي سموئيل اچي پريشان ٿيو ۽ سڄي رات خداوند جي آڏو ٻاڏائيندو رهيو.


بني اسرائيل جو عظمت وارو خدا، نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نہ وري پنهنجو فيصلو بدلائيندو آهي، ڇو تہ هو انسان ناهي جو پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏي.“


پوءِ سموئيل پنهنجي مرڻ گھڙيءَ تائين وري سائول سان ملڻ نہ ويو، تنهن هوندي بہ سائول لاءِ افسوس ڪندو رهيو. جڏهن تہ سائول کي بني اسرائيل تي بادشاهہ بڻائڻ ۾ خداوند کي رنج پهتو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ