Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 6:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تڏهن خداوند چيو تہ منهنجو روح انسان ۾ هميشہ ڪين رهندو، ڇو تہ هو بشر آهي؛ تڏهن بہ هن جي عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 6:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


کيس اهو ئي ياد رهندو هو تہ ”هي رڳو فاني بشر آهن، هي تہ انهيءَ هوا مثل آهن، جيڪا گذري وڃڻ کان پوءِ وري نہ ٿي موٽي.“


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


آءٌ پنهنجي انگورن جي باغ لاءِ وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگھيس جيڪو مون نہ ڪيو؟ هاڻي جڏهن آءٌ عمدن انگورن جي انتظار ۾ هئس تہ باغ ۾ هي کٽا انگور ڇو پيدا ٿيا؟


آءٌ پنهنجي قوم سان سدائين جھيڙو نہ ڪندس، نڪي مٿن هميشہ غضبناڪ رهندس، نہ تہ سندن روح ۽ جانيون، جن کي مون پيدا ڪيو آهي، سي منهنجي اڳيان بيتاب ٿي ويندا.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.


جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن.


آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس ۽ تو ۾ جيڪو روح آهي، تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ۾ وجھندس. پوءِ امت جو بار کڻڻ ۾ اهي تنهنجي مدد ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ تو اڪيلي کي اهو نہ کڻڻو پوي.


انسان جسماني لحاظ کان پنهنجي ماءُ پيءُ مان پيدا ٿيندو آهي، پر روحاني لحاظ کان پاڪ روح مان پيدا ٿئي ٿو.


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو.


پاڪ روح جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ