22 سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خدا کيس فرمايو هو.
22 سو نوح ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪو بہ حڪم خدا ڏنو هوس، سو بجاءِ آندائين.
پوءِ ابراهيم انهيءَ ئي ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل ۽ پنهنجي گھر جي ماڻهن مان سڀني مردن جو، پنهنجي گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت سڀني جو طهر ڪيو.
جيئن خدا فرمايو هو. پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.
سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ اچي چڙهيو، جيئن خدا فرمايو هو.
سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
پوءِ انهيءَ کي قنات ۽ پال لڳايائين ۽ انهيءَ جي مٿان وري ڍڪ ۽ ٻہ غلاف چاڙهيائين. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
پوءِ صندوق مقدس خيمي ۾ کڻائي آيو ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏيائين.
انهيءَ تي نذراني وارا روٽ ترتيب سان خداوند آڏو رکايائين.
هن اتي خداوند جي حضور ۾ ڏيئا ٻارايا.
۽ خداوند جي حڪم مطابق انهيءَ تي خوشبودار مصالحن وارو لوبان ساڙيائين.
جڏهن بہ اهي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيندا هئا يا قربانگاهہ جي ويجھو ويندا هئا، تڏهن حوض مان پنهنجا هٿ پير ڌوئي ويندا هئا.
پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو.
تنهن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.
جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.
تنهن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“
جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“