Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 50:5 - Muslim Sindhi Bible

5 مون يوسف جي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ’جيئن تہ آءٌ مرڻ تي آهيان، سو مون کي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪجانءِ جيڪو مون ڪنعان جي ملڪ ۾ پنهنجي لاءِ خريد ڪري ڇڏيو آهي.‘ تنهنڪري مهرباني ڪري مون يوسف کي اجازت ڏيو تہ آءٌ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪري موٽي اچان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تہ منهنجي پيءُ مون کي قسم کڻائي چيو هو تہ ڏس، آءٌ مران ٿو ۽ جيڪا قبر مون پنهنجي لاءِ ڪنعان جي ملڪ ۾ کڻائي ڇڏي آهي؛ تنهن ۾ اوهين مون کي دفن ڪجو. تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي موڪل ڏي، تہ وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. پوءِ آءٌ موٽي ايندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 50:5
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“


پوءِ يعقوب يوسف کي چيو تہ ”ڏس، هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا اوهان سان هوندو ۽ هو اوهان کي وري پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ ۾ موٽائي وٺي ويندو.


آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“


جڏهن سوڳ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن يوسف فرعون جي محلات جي عملدارن کي چيو تہ ”جيڪڏهن مون تي اوهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مهرباني ڪري منهنجي هيءَ ڳالهہ فرعون جي ڪن ۾ وجھو تہ


تڏهن فرعون انهن کي چيو تہ ”ڀلي وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪري، جيئن سندس پيءُ کيس قسم کڻايو هو.“


هن کي انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي انهيءَ بستري تي کڻي سمهاريائون جيڪو خوشبوين ۽ قسم قسم جي مصالحن سان ڀريل هو ۽ هن جي اعزاز ۾ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


هنن يروشلم ۾ انهن جو رت پاڻيءَ جيان وهايو آهي، ايتري قدر جو ڪوبہ نہ بچيو آهي جنهن جي هٿان هو دفن ٿين.


اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا.


اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.


مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي.


”اي شبناہ! تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون پهاڙ جي بلنديءَ تي شاهي قبرستان ۾ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ مقبرو ٿو ٺهرائين؟ تنهنجو ڪهڙو مائٽ هتي دفن آهي جو تون پنهنجي لاءِ بہ هتي قبر ٿو کوٽائين؟


کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو.


سو آءٌ هن ئي ملڪ ۾ مري ويندس ۽ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندس. مگر اوهين پرينءَ ڀر ويندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا.


تنهن تي سائول يونتن کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ تو ڇا ڪيو آهي؟“ يونتن کيس ٻڌايو تہ ”جيڪا لٺ منهنجي هٿ ۾ هئي، تنهن جي ڇيڙي سان مون بيشڪ ماکيءَ جو ذرو چکيو هو. سو هاڻي آءٌ مرڻ جي لاءِ تيار آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ