1 تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ تي ڪري روئڻ لڳو ۽ کيس چميائين.
1 تڏهن يوسف پنهنجي پيءُ تي ڪري روئڻ لڳو، ۽ کيس چميائين.
هن ڪنعان ملڪ جي اربع شهر يعني حبرون ۾ وفات ڪئي. ابراهيم انهيءَ جي وفات تي سوڳ ڪيو ۽ رنو.
آءٌ تو سان گڏ مصر هلندس ۽ آءٌ ئي وري تو کي موٽائي آڻيندس ۽ يوسف پنهنجي هٿن سان تنهنجيون اکيون بند ڪندو.“
جڏهن يعقوب پنهنجي پٽن کي وصيت ڪري چڪو، تڏهن هن پنهنجيون ٽنگون هنڌ ۾ ڇڪيون ۽ دم ڏنائين. ائين هو وڃي پنهنجن سان گڏيو.
پوءِ يوسف ملازم حڪيمن کي حڪم ڏنو تہ ”منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو.“ سو حڪيمن يعقوب کي سرهاڻيون لاتيون.
اليشع موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو هو. اسرائيل جو بادشاهہ يهوآس وٽس آيو ۽ پاسي کان بيهي روئي چوڻ لڳس تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“
اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.
هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين چاهيون ٿا تہ جيڪي ايمان وارا قبر ۾ وڃي ستا آهن تن بابت اوهين اها ڄاڻ رکو تہ انهن جو ڇا ٿيندو، تہ جيئن انهن ماڻهن وانگر غمگين نہ ٿيو جن کي ڪا اميد ئي ڪانهي.