Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 آدم نو سؤ ٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ آدم جي سموري عمر نو سؤ ٽيهہ ورهيہ هئي، پوءِ هو مري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 5:5
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو کي سخت پورهيو ڪري پنهنجي بدن جي پگھر جي ماني کائڻي پوندي، جيستائين تون موٽي مٽيءَ ۾ نہ وڃين، جنهن مان تون ٺهيو هئين. تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.“


انوس نو سؤ پنجن سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو.


انهيءَ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.


سيت جڏهن هڪ سؤ پنجن سالن جو ٿيو تہ کيس انوس نالي هڪ پٽ ڄائو.


سيت نو سؤ ٻارهن سالن جي عمر ۾ هي جهان ڇڏي ويو.


جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


آدم جو نسب نامو هي آهي: آدم مان سيت، انهيءَ مان انوس،


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، هائو، انهيءَ جاءِ ۾ آڻي پهچائيندين، جيڪا هر ڪنهن جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جيڪو موت نہ ڏسندو ۽ پيو جيئندو؟ ڇا ڪو اهڙو آهي جيڪو قبر کان پنهنجي جان بچائي سگھندو؟


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


اوهين مٿاهين تي چڙهڻ کان ڊڄندا ۽ عام رستن تي هلڻ کان بہ خوف کائيندا. اوهان جا وار ڦري اڇا ٿي پوندا، جيئن بادامين جو ٻور هوندو آهي. اوهين پوڙهيءَ تڏ وانگر پاڻ کي گهليندا وتندا ۽ اوهان کي ڪابہ خواهش نہ رهندي. بيشڪ اسان مان هر ڪو پنهنجي ابدي گھر ڏانهن هليو ويندو ۽ پوءِ اوهان تي روئڻ پٽڻ وارا گھٽين ۾ پيا ايندا ويندا.


اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.


”اسين سڀيئي مرنداسين،“ جڏهن تہ مئل انسان کي ڪوبہ آسرو ڪونہ آهي، بلڪ هن دنيا مان هليو وڃڻ کان پوءِ انهن کي ايترو بہ اجر ڪونہ ٿو ملي جو کين ياد ڪيو وڃي.


ڀلي تہ اوهان جا ڪپڙا هميشہ اڇا اُجرا هجن ۽ وارن کي تيل ڦڻي ڏنل هجي، جيئن اوهين ٺاهوڪا ڏسڻ ۾ اچو.


ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.


انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس فرمانبرداري ڪريو ۽ ساڻس چُهٽيل رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اوهان جي زندگي ۽ ان ملڪ ۾ اوهان جي عمر جي درازي آهي، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو.“


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ