يعقوب فرعون کي جواب ڏنو تہ ”منهنجي زندگيءَ جي سفر جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ سال آهن. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن. جيترا ڏينهن منهنجي ابن ڏاڏن زندگيءَ جي سفر ۾ گذاريا اوترا اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.“
برزلي اسي سالن جي عمر جو تمام پوڙهو ماڻهو هو. جيئن تہ هو تمام دولتمند ماڻهو هو، سو جڏهن بادشاهہ محنايم شهر ۾ رهيل هو تڏهن هن بادشاهہ کي کاڌخوراڪ پهچائي هئي.
ائين بلڪل نہ ٿيندو جو اهي گھر اڏين ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهن، يا اهي باغ لڳائين ۽ ٻيا اچي انهن جو ميوو کائين. منهنجي قوم جي ماڻهن جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي. هائو، منهنجا اهي چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪمن مان گھڻي وقت تائين فائدو وٺندا.