Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 5:24 - Muslim Sindhi Bible

24 حنُوڪ پنهنجي حياتي خدا جي رفاقت ۾ گذاريندو رهيو ۽ پوءِ جيئن تہ خدا هن کي کڻي ورتو، سو هو وري نظر نہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ حنوڪ خدا ساڻ هلندو رهيو ۽ گم ٿي ويو، ڇالاءِ جو خدا هن کي کڻي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 5:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جواب ڏنو تہ ’جنهن خداوند جي حڪم تي آءٌ هلان ٿو سو پنهنجي ملائڪ کي تو وٽ موڪليندو ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو. تون منهنجي مائٽن ۽ منهنجي پيءُ جي ڪٽنب مان منهنجي پٽ جي زال آڻ.


هو پنهنجي ڀائرن وٽ ويو ۽ کين چيائين تہ ”ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڇا ڪريان؟“


سندن پيءُ کين چيو تہ ”اوهان مون کي بي‌اولاد ڪندا ٿا وڃو. يوسف هليو ويو، شمعون هليو ويو ۽ هاڻي بنيامين کي بہ وٺي ويندءُ. اهي سڀ سور مون لاءِ ئي آهن.“


تنهن کان پوءِ حنُوڪ ٽي سؤ سالن تائين خدا جي رفاقت ۾ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا.


سندس سموري عمر ٽي سؤ پنجهٺ سال هئي.


جڏهن متُوشلح هڪ سؤ ستاسي سالن جو ٿيو تہ کيس لمڪ نالي هڪ پٽ ڄائو.


نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو.


انهيءَ وقت جڏهن خداوند الياس کي هڪڙي وڏي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ڏانهن کڻي وڃڻ وارو هو، تنهن وقت الياس ۽ اليشع جِلجال شهر کان روانا ٿيا.


الياس کيس چيو تہ ”تو ڏکيو سوال ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن تو مون کي مٿي کڄي وڃڻ مهل ڏٺو تہ تو کي اهو ملندو، پر جيڪڏهن تو مون کي نہ ڏٺو تہ پوءِ تو کي اهو نہ ملندو.“


جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.


اليشع اهو ڏسي رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“ جڏهن الياس اليشع جي نظرن کان غائب ٿي ويو، تڏهن اليشع پنهنجي ڪپڙن کي وٺي ڦاڙيو.


مگر خداوند مون کي پاڻ وٽ قبول ڪندو، ۽ قبر جي پڪڙ کان ڇڏائيندو.


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.


”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي، اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“


عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بهشت ۾ هوندين.“


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، خداوند پنهنجي لکين ملائڪن سان ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ