Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 49:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اي يهوداہ! تنهنجا ڀائر تنهنجي واکاڻ پيا ڪندا، بلڪ تنهنجي بابي جو اولاد تنهنجي آڏو سر نوائيندو. تنهنجي دشمنن جي گردن ۾ تنهنجا هٿ هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي يهوداہ، تنهنجا ڀائر تنهنجي ساراهہ ڪندا: تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن جي ڳچيءَ تي رهندو؛ تنهنجي پيءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ نمائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 49:8
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“


پوءِ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن چيو تہ ”هن ڀيري آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪنديس.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو يهوداہ رکيائين. پوءِ ٻار ڄڻڻ بس ڪيائين.


يوسف ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ هن ئي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اناج پئي وڪيو. سو يوسف جا ڀائر آيا ۽ اچي يوسف جي اڳيان زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون.


سندس چوٿون پٽ يهوداہ هو جنهن جا پٽ هي هئا: شيلاہ، فارص ۽ زارح. پر يهوداہ جا ٻہ ٻيا پٽ عير ۽ اونان اڳ ۾ ئي ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا. فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا.


تو منهنجي اڳيان انهن دشمنن کي پٺ ڏياري ڀڄائي ڪڍيو، تان‌تہ آءٌ انهن کي نابود ڪريان جن مون کي ڌڪاريو ٿي.


تڏهن يوآب جوان مردن جي شمار جو ڪل تعداد بادشاهہ کي ڏنو، جنهن موجب بني يهوداہ ۾ پنج لک ۽ ٻين بني اسرائيل وارن ۾ اٺ لک جنگي جوان موجود هئا.


تڏهن دائود اتي خداوند جي آڏو حلف کنيو ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي اڳواڻ جيڪي حبرون ۾ آيا هئا، تن دائود کي مسح ڪري بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو.


تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جي خدا، منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي مان مون کي چونڊيو تہ جيئن آءٌ هميشہ تائين بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪريان. پهريائين هن يهوداہ قبيلي کي اڳواڻ طور چونڊيو، پوءِ يهوداہ جي گھراڻن مان منهنجي پيءُ جي گھراڻي کي چونڊيائين ۽ ان سڄي گھراڻي مان هن بني اسرائيل مٿان بادشاهي ڪرڻ لاءِ مون کي چونڊيو.


جيتوڻيڪ يهوداہ قبيلو زورآور هو ۽ حڪمران بہ انهيءَ قبيلي مان ٿيو، تنهن هوندي بہ پهريتي هئڻ جو حق يوسف کي ئي هو.


آسا وٽ يهوداہ مان ٽي لک جوانن جو هڪڙو لشڪر هو جيڪو ڍالن ۽ نيزن سان مسلح هوندو هو ۽ بنيامين مان ٻہ لک اسي هزار جوانن جو هڪڙو لشڪر هئس جيڪو پڻ ڍالن ۽ تيرڪمانن سان مسلح هوندو هو. اهي سڀيئي بهادر جنگي جوڌا هئا.


جڏهن اسرائيل ملڪ جي افرائيم، منسيءَ ۽ شمعون جي علائقن جي ماڻهن ڏٺو تہ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ آسا جو خدا هن سان گڏ آهي، تڏهن انهن مان تمام گھڻا ماڻهو وٽس اچي آباد ٿيا. بادشاهہ آسا سڄي يهوداہ ۽ بنيامين جي سڀني رهاڪن سان گڏوگڏ انهن کي بہ پاڻ وٽ سڏايو.


هن يهوداہ جي سڀني قلعن وارن شهرن ۾ لشڪر مقرر ڪيا. ان کان علاوہ افرائيم جا جيڪي شهر سندس پيءُ آسا قبضي ڪيا هئا تن ۾ ۽ يهوداہ جي ٻين هنڌن تي بہ چوڪيون قائم ڪيائين.


تنهن هوندي بہ آشر، منسي ۽ زبولون قبيلي وارن مان ڪن ماڻهن حزقياہ جي پيغام تي ڪنڌ کڻي جھڪايو ۽ يروشلم ۾ اچڻ جو يقين ڏياريو.


يهوداہ وارن ۾ خدا کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اسرائيل وارن ۾ بہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي ٿي.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


اي بدڪار ۽ پليت عمونيؤ! اوهين ڪوڙيون رويائون ٻڌايو ٿا ۽ ڪوڙين اڳڪٿين تي يقين ٿا ڪريو. اوهان جي سزا جو ڏينهن اچي ويجھو پهتو آهي جڏهن منهنجي تلوار اوهان ۾ ڪوس وجھندي.‘“


سڀ کان پهريائين يهوداہ جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عمينداب جو پٽ نحسون انهن جو سردار هو.


بني يهوداہ جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ڇاهتر هزار پنج سؤ هو.


يهوداہ قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خداوند! تون بني يهوداہ جو فرياد ٻڌ، هنن کي آڻي پنهنجي قوم جي ٻين قبيلن سان متحد ڪر. تون ئي کين توفيق بخش ۽ دشمنن خلاف سندن مددگار ٿيءُ.“


انهيءَ وقت کان وٺي هو انتظار ۾ آهي تہ ”سندس دشمنن کي سندس پيرن هيٺان ڪيو وڃي.“


هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي.


تڏهن يشوع بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏايو ۽ لشڪر جا سالار جيڪي ساڻس گڏ جنگ تي ويا هئا تن کي چيائين تہ ”ويجھا اچو ۽ پنهنجا پير هنن بادشاهن جي ڳچين تي رکو.“ سو هنن ويجھو اچي پنهنجا پير انهن جي ڳچين تي رکيا.


يهوداہ قبيلي کي گھراڻن موجب سندن ورثي ۾ مليل


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو دائود جي نسل مان آهي، سو ئي فتحياب ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“


پوءِ بني اسرائيل بيت‌ايل شهر ۾ مقدس هنڌ تي ويا ۽ خدا کان ڪڻا وجھي صلاح پڇيائون تہ ”بني بنيامين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهريائين ڪير چڙهائي ڪري؟“ خداوند چيو تہ ”يهوداہ قبيلو پهريائين وڃي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ