Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 49:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تنهن هوندي بہ تون ٻوڏ جي پاڻيءَ وانگر ڇڙواڳ آهين، سو تو کي وڏائي ڪڏهن بہ حاصل ڪين ٿيندي، ڇو تہ تو منهنجي هنڌ تي، هائو، پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي ان کي پليت ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تون پاڻيءَ وانگر بي قرار آهين، تنهنڪري توکي وڏائي حاصل نہ ٿيندي؛ ڇالاءِ جو تون پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي وئين، ۽ تو انهيءَ کي پليت ڪيو: هو منهنجي هنڌ تي چڙهي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 49:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ جيڪي ساڻس گڏ مصر ۾ آيا، تن جا نالا هي آهن. سندس وڏو پٽ روبن هو


يعقوب جي وڏي پٽ روبن جو اولاد هي آهي. جيتوڻيڪ روبن پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي سريت سان هم‌بستر ٿيڻ جي ڪري هو پنهنجو پهريتي هجڻ جو حق وڃائي ويٺو هو. سندس اهو حق سندس ڀاءُ يوسف جي اولاد کي ڏنو ويو هو.


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماءُ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهي، ڇوجو ائين هو پنهنجي پيءُ جو ننگ ٿو اگھاڙي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘


موسيٰ روبن قبيلي لاءِ دعا گھرندي چيو تہ ”شال روبن قبيلو قائم رهي ۽ برباد نہ ٿئي، توڙي جو هن جا پنهنجا ماڻهو ٿورا هجن.“


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس گھر جي، نڪي سندس ٻنيءَ، سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نہ وري پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.‘


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت عورتن کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ گناهن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور ايمان وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


هن پنهنجي سڀني خطن ۾ انهن ڳالهين بابت اهڙي ئي نموني بيان ڪيو آهي. هن جي خطن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون بہ آهن جن جو سمجھڻ مشڪل آهي. جاهل ۽ ثابت قدم نہ رهندڙ ماڻهو انهن جي معنيٰ کي ڦيرائي ابتي پيا ڪن، جيئن اهي پاڪ ڪلام جي ٻين لکتن جي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي لاءِ تباهي ٿا پيدا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ