2 اي مون يعقوب جا پٽؤ! اچو، گڏ ٿي ٻڌو، هائو، پنهنجي پيءُ اسرائيل ڏانهن ڪن ڏيو.
2 اي يعقوب جو اولاد، اوهين اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي ڳالهہ ڏانهن ڪن ڏيو.
اي روبن! تون منهنجو پهريتو پٽ آهين، هائو، تون منهنجي قوت ۽ طاقت جي ابتدا آهين. تون وڏي عزت وارو ۽ وڏي طاقت وارو آهين.
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان.
اهڙو ڪوبہ ماڻهو نہ آهي، جيڪو حياتيءَ جي خواهش نہ رکندو هجي. هائو، هر ڪو ماڻهو وڏي عمر ٿو چاهي، تانتہ هو پنهنجي حياتيءَ جو مزو ماڻي سگھي.
جن والدين مان اوهين ڄاوا آهيو، تن جي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کين سندن ٻڍاپي ۾ نہ ڌڪاريو.
اي منهنجا ٻارؤ! مون ڏانهن پورو پورو ڌيان ڏيو، ۽ دل وَ جان سان منهنجي نقشِقدم تي هلو.
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڏاهپ وارين نصيحتن ڏانهن توجہ ڪريو ۽ ڌيان سان ٻڌو،
اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آڻيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ڏنل تربيت کي ڪڏهن نہ وساريو.
اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهين تي پوريءَ طرح توجہ ڏيو، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان سو نہ وسارجو.
تنهنڪري هاڻي اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن تي ڌيان ڏيو.
ڏاهپ وڌيڪ ٿي چوي تہ ”تنهنڪري هاڻي اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڳا آهن اهي جيڪي منهنجي رستن تي ٿا هلن.
اوهين سڀ اچي گڏ ٿيو ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌو. ڇا اوهان جي معبودن مان ڪنهن بہ انهن ڳالهين جي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي؟ ڇا انهن اهو ٻڌايو هو تہ جنهن کي آءٌ خداوند پيار ٿو ڪريان، سو ئي بابل تي منهنجي مرضي پوري ڪندو، ۽ هو ئي بابلين جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو؟