Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 48:7 - Muslim Sindhi Bible

7 افرائيم ۽ منسي انهيءَ لاءِ منهنجا ٿيندا جو آءٌ جڏهن فدان‌ارام مان آيس پئي ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هئس تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي وڌيڪ ڪنهن ٻار ڄڻڻ بنا مري ويئي. سو مون کيس اِفرات واري رستي تي دفن ڪيو.“ اِفرات کي بعد ۾ بيت‌لحم سڏيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 باقي آءٌ، سو جڏهن فدان مان ٿي آيس، ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هوس، تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي مري ويئي، ۽ مون کيس افرات، يعني بيت الحم جي رستي تي دفن ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 48:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اسحاق ربقہ سان شادي ڪئي تڏهن سندس عمر چاليهہ سال هئي. ربقہ فدان‌ارام شهر واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ ۽ لابن جي ڀيڻ هئي.


پوءِ يعقوب فدان‌ارام مان سلامتيءَ سان نڪري سڪم شهر ۾ آيو جيڪو ڪنعان ملڪ ۾ آهي. هن شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي.


يعقوب انهيءَ جي قبر تي هڪڙو ٿنڀو کوڙيو جيڪو راخل جي قبر تي اڄ ڏينهن تائين موجود آهي.


جڏهن يعقوب فدان‌ارام کان موٽي آيو تہ خدا وري بہ کيس ڏيکاري ڏني ۽ کيس برڪت ڏنائين.


پر هنن کان پوءِ جيڪي ٻار تو کي ڄمندا سي تنهنجا ٿيندا. اهي پنهنجي ڀائرن منسي ۽ افرائيم جي نالي واري ميراث ۾ شريڪ هوندا.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي، اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“


انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو اِليملڪ هو ۽ سندس زال جو نالو نعوميہ ۽ پٽن جا نالا محلون ۽ ڪليون هئس. اهي يهوداہ جي شهر بيت‌لحم جي افراتي گھراڻي سان تعلق رکندا هئا. جڏهن اهي موآب جي ملڪ ۾ ٿي رهيا


افرائيم جي جابلو علائقي جي رامہ شهر ۾ افرائيم قبيلي جي صوف گھراڻي جو القانہ نالي هڪڙو شخص رهندو هو. سندس پيءُ جو نالو يروحام ولد اليهو ولد توحو ولد صوف هو.


اڄ جڏهن تون مون کان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيامين جي سرحد اندر ضلضحہ شهر ۾ راخل جي قبر وٽ تو کي ٻہ ماڻهو ملندا. اهي تو کي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن. سو تنهنجو پيءُ هاڻي گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي تنهنجي ڳڻتيءَ ۾ آهي. هو چوندو رهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟‘


سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هو جڏهن بيت‌لحم ۾ آيو تہ شهر جا اڳواڻ ڏڪندا سندس استقبال لاءِ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون خير سان تہ آيو آهين؟“


دائود يهوداہ جي بيت‌لحم شهر ۾ رهندڙ يسيءَ نالي هڪڙي افراتيءَ جو پٽ هو. يسيءَ کي اٺ پٽ هئا. سائول بادشاهہ جي زماني ۾ يسي پوڙهو ۽ عمررسيدہ ٿي چڪو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ